Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

پيارا اسلامي ڀائرو! آڪوله (مهاراشٽر، هند) جي هڪ اسلامي ڀاءُ ڪجهه هن ريت بيان ڏنو آهي ته بُرن ماڻهن سان تعلقات جي ڪري اسان جو گهراڻو بدعملي سان گڏوگڏ بدعقيدگيءَ ۾ به مبتلا ٿي ويو هو، ان دوران منهنجو 17 سالن جو ننڍو ڀاءُ جيڪو دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي چڪو هو، اهو گهر ۾ سڀني کي گڏ ڪري فيضانِ سنت جو درس ڏيندو هو. مان ان ۾ نه ويهندو هئس، هڪ ڏينهن مان سندن ڀرسان ويهي رهيس ته ٻڌان ته سَهِي هي درس ۾ ڇا ٿو چوي، درس ٻڌڻ ۾ تمام سٺو لڳو، تنهنڪري مان روزانو گهر درس ۾ شريڪ ٿيڻ لڳس. آهستي آهستي منهنجي دل جي ڪاراڻ مٽجڻ لڳي، الحمدللہ! گهر ۾ ٿيڻ واري هن درس جي برڪت سان اسان جي گهر ۾ ديني ماحول بڻجي ويو ۽ الله پاڪ جي فضل سان بدعقيدگيءَ کان به نجات ملي وئي. ([1])

بُری صحبتوں سے کَنارہ کشی کر                                                                          اور اچھوں کے پاس آ کے پا دینی ماحول

تمہیں لطف آ جائیگا زندگی کا                                                                                قریب آ کے دیکھو ذرا دینی ماحول

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! توهان به گهر ۾ درس ڏيڻ جي عادت بڻايو! الحمد لله! درس ڏيڻ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان مسلمانن کي حڪم ڏنو آهي:

قُوۡۤا  اَنۡفُسَکُمۡ  وَ اَہۡلِیۡکُمۡ  نَارًا

(پارو: 28، سورة تحريم: 6)

ترجموڪنزالعرفان: پنهنجي جانين ۽ گهر وارن کي اُنَ باهه کان بچايو!

يعني اي مسلمانو! پاڻ به ديني ڳالهيون سکو ۽ پنهنجي گهر وارن کي به سيکاريو! ته جيئن جهنم کان بچي سگهو...!! ([2])


 

 



[1]... دعوت اسلامی کی مدنی بہاریں (حصہ اول) ،صفحہ:99۔

[2]... تفسیر قشیری،  پارہ:28، سورۂ تحریم، تحت الآیۃ:6، جلد:3، صفحہ:334۔