Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

ديني ماحول بڻجي ويندو (10): گهر ۾ ڪيترا به دڙڪا ملن بلڪه جيڪڏهن مارَ به ملي، تڏهن به صبر، صبر ۽ صبر ڪريو. جيڪڏهن توهان زبان هلائيندئو ته ديني ماحول ٺهڻ جي ڪا به اميد پيدا نه ٿيندي پر وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿي سگهي ٿو ڇو ته بيجا سختي ڪرڻ سان اڪثر ڪري شيطان ماڻهن کي ضدي بڻائي ڇڏيندو آهي (11): پنهنجي گهر وارن جي دنيا ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ دل سوزي سان دعا به ڪندا رهو، جو فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   آهي: اَلدُّعَاءُ سِلَاحُ الْمُؤْ مِنِ  يعني دعا مومن جو هٿيار آهي. ([1]) (12): مسائل القرآن صفحو 290 تي آهي: هر نماز کان پوءِ هيءَ دعا اول آخر هڪ ڀيرو درود شريف سان گڏ پڙهڻ جو معمول بڻائي ڇڏيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻار ٻچا سنتن جا پابند بڻجي ويندا ۽ گهر ۾ مدني ماحول قائم ٿيندو. (دعا هيءَ آهي)

(اَللّٰہُمَّ) رَبَّنَا هَبْ لَنَا مِنْ أَزْوَاجِنَا وَذُرِّيَّاتِنَا قُرَّةَ أَعْيُنٍ وَاجْعَلْنَا لِلْمُتَّقِينَ إِمَامًا

(سیپارو: 19، الفرقان: 74)

مڪتبـ المدينه تان هڪ ننڍڙو رسالو ملندو آهي: 72 نيڪ اعمال اهو خريد فرمايو! پاڻ به ان جي مطابق عمل ڪريو! ۽ گهر ۾ به جيسيتائين ممڪن هجي، ان کي نافذ ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر جو ماحول بهتر ٿي ويندو.

پابندي سان هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن جي قافلي ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪري گهر وارن لاءِ به دعا ڪريو. قافلي ۾ سفر جي برڪت سان به گهرن ۾ ديني ماحول ٺهڻ جون مدني بهارون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.

گهر ۾ درس ڏيڻ جي ترڪيب ڪريو

گهر جو ماحول بهتر ڪرڻ ۽ اسلامي ماحول پيدا ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو هي به  آهي ته گهر ۾ فيضانِ سنت جو درس ڏيڻ جي عادت بڻايو!


 

 



[1]... مسندالفردوس،صفحہ:223،حدیث:3085۔