Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! *الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس *خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس *جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

جڏهن  غير  مسلمن  قرآن  ٻُڌو

* ابوسفيان * اَخنس بن شَريق * ابوجہل * ۽ عَمرو بن  وَہْب مڪي جا تمام وڏا ڪافر هئا، بعد ۾ * حضرت ابوسفيان * ۽ حضرت اَخنس بن شَريق  رَضِیَ اللهُ عَنْہما   اسلام قبول ڪيو ۽ صحابيت جي مقام تي فائز ٿيا. ہجرت کان اڳ جو واقعو آهي، اُن وقت انهن حضرات اڃان تائين ايمان قبول نه ڪيو هو.

هڪ دفعي ائين ٿيو جو رات جو وقت هو، جناب ابوسفيان پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪتا، ارادو هي هُئَو ته محمد (رسول الله يعني آخري نبي، محمد عربي  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   گهر ۾ تلاوت ڪندا هوندا، وڃي ٻڌان ٿو. هيڏانهن اخنس بن شريق به اهو ئي ارادو ڪيو، ابوجهل ۽ عمرو بن وهب به ساڳي ئي نيت سان نڪتا. هاڻي هي چارئي ڄڻا، جيڪي ان وقت تائين غير مسلم هئا، کين هڪ ٻئي جي به خبر نه هئي ۽ سڀئي هڪ ٻئي کان لڪي رهيا هئا جيئن ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي گهر مبارڪ جي ويجهو پهچي، چارئي الڳ الڳ جاين تي لِڪِي ويهي رهيا.

پيارا ۽ آخري نبي، رسول هاشمي  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   بلند آواز سان تلاوت فرمائي رهيا هئا.

الله! الله! تصور ڪريو! ڪلامِ خدا جو هجي، زبان پياري مصطفيٰ   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي هجي...!! سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي نه پُرسوز، رقت انگيز ۽ دل تي اثر ڪرڻ واري تلاوت هوندي...!!