Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو رسالو آهي: مسواڪ جا فضائل. هي جيڪڏهن پڙهي وٺندا ته مزي کي مزو اچي ويندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مسواڪ ڪرڻ جو ذهن بڻجي ويندو.
گهر ۾ ديني ۽ اسلامي ماحول بڻائڻو آهي، ان جي لاءِ ڪجهه آداب عرض ڪري رهيو آهيان: (1): والده يا والد صاحب جي اچڻ وقت تعظيماً اٿي بيهو (2): روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو والد صاحب جا هٿ ۽ والده جا پير چُمو! (3): والدين جي سامهون آواز پَست رکو، انهن سان اکيون هرگز نه ملايو، ساڻن نگاهون جهڪائي ڳالهايو (4): انهن جو سونپيل هر اهو ڪم جيڪو شريعت جي خلاف نه هجي فوراً ڪري ڇڏيو (5): سنجيدگي اختيار ڪريو گهر ۾ ڳالهه ڳالهه تي تڪرار ڪرڻ، مذاق مسخري ڪرڻ، ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙجي وڃڻ، کاڌي ۾ عيب ڪڍڻ، ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي جهڻڪڻ، مارڻ، گهَر جي وڏن سان الجهڻ، بحث مباحثو ڪرڻ جهڙيون جيڪڏهن توهان جون عادتون آهن ته پنهنجو رويو مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو، هر هڪ کان معافي وٺو (6): گهر ۾ ۽ ٻاهر هر جاءِ تي جيڪڏهن توهان سنجيده ٿي ويندﺆ ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر جي اندر به ضرور ان جون برڪتون ظاهر ٿينديون (7): ماءُ بلڪه ٻارن جي ماءُ هجي ته ان کي به ۽ گهر ۾ (۽ ٻاهر) هڪ ڏينهن جي ٻار کي به توهان چئي مخاطب ڪريو (8): پنهنجي پاڙي جي مسجد ۾ عشاء جي جماعت جي وقت کان وٺي ٻن ڪلاڪن جي اندر اندر سمهي پئو (9): گهر جي ڀاتين ۾ جيڪڏهن نمازن جي سستي، بي پردگي، فلمون، ڊراما ۽ گانا باجا ٻڌڻ جو سلسلو آهي ۽ توهان سرپرست نه آهيو پر توهان کي غالب گمان آهي ته توهان جي نه ٻڌي ويندي ته بار بار ٽوڪڻ جي بدران سڀني کي نرمي سان سمجهايو! گهر ۾ مدني چينل هلرائي ڇڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر ۾