Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

مشھور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  لکن ٿا: ڪجهه بزرگن کي ڏٺو ويو آهي ته ڏينهن جي شروعات ۾ جڏهن پهريون دفعو گهر ۾ داخل ٿيندا هئا ته بِسْمِ اللہ ۽ سورة   الاخلاص پڙهي وٺندا هئا، ان سان گهر ۾ اتفاق به رهندو آهي ۽ رزق ۾ برڪت به ٿيندي آهي. ([1])

سڀ کان پهرين مسواڪ (ڏندڻ) ڪندا هئا

مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِیَ اللهُ عَنْہا کان پڇيو ويو: پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم        جڏهن گهر ۾ تشريف کڻي ايندا هئا ته سڀ کان پهريان ڪهڙو ڪم ڪندا هئا؟ فرمايائون: کَانَ اِذَا دَخَلَ بَيْتَهُ بَدَاَ بِالسِّوَاكِ  يعني پاڻ ڪريم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم    گهريلو معاملن جي شروعات مسواڪ سان ڪندا هئا. ([2])  

سُبْحٰنَ اللہ!  معلوم ٿيو ته پياري آقا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم       کي مسواڪ تمام گهڻو پسند هو، پاڻ   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم       رات جو جڏهن آرام فرمائيندا هئا ته مٿن کان مسواڪ رکندا هئا، رات جو جڏهن عبادت لاءِ اٿندا هئا ته پهريان مسواڪ ڪندا هئا. اَلحمدُ لِلّٰہ! مسواڪ تمام پياري سنت آهي. پر افسوس! هاڻي اِها سنت به مٽجندي پئي وڃي. اَلحمدُ لِلّٰہ!  دعوتِ اسلامي هن سنت کي زندهه ڪرڻ تي به گهڻو زور ڏنو آهي ۽ ڏئي رهي آهي. توهان به دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيو! مسواڪ جي سنت کي زندهه فرمايو! اهو ڪيئن ٿيندو...؟ گهٽ ۾ گهٽ پاڻ مسواڪ ڪرڻ جي پڪي عادت اپنايو! جيڪڏهن ٿي سگهي ته قميص ۾ سيني تي مسواڪ جي لاءِ الڳ کِيسو ٺهرايو ۽ هِن (مسواڪ يا ڏندڻ) سنت ادا ڪرڻ واري اوزار کي هميشه سيني سان لڳائي رکڻ جي عادت اختيار ڪريو! ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن ٿي سگهي ته پنهنجن ڄاڻ سڃاڻ وارن کي به ان جي ترغيب ڏياريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون.


 

 



[1]... مراۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:9۔

[2]... مسلم، کتاب الطہارۃ، باب السواک، صفحہ:114، حدیث:253۔