Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
مشھور صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو معمول مبارڪ هو ته جڏهن به گهر ۾ داخل ٿيندا هئا يا جڏهن به گهر مان ٻاهر وڃڻ لڳندا هئا ته دروازي وٽ بيهي رهندا هئا ۽ چوندا هئا: امڙ...!! اَلسَّلَامُ عَلَيْكِ وَرَحْمَةُ اللَّهِ وَبَرَكَاتُهُ. سندن ماءُ جواب ۾ چونديون هيون: پُٽَ...!! وَعَلَيْكَ وَرَحْمَةُ اللَّهِ وَبَرَكَاتُهُ. ان کان پوءِ پاڻ چوندا هئا: رَحِمَكِ اللَّهُ كَمَا رَبَّيْتَنِي صَغِيرًا امڙ! الله پاڪ توهان تي رحم فرمائي، توهان منهنجي ننڍپڻ ۾ چڱي نموني سنڀال ڪئي. امڙ فرمائينديون هيون: رَحِمَكَ اللَّهُ كَمَا بَرَرْتَنِي كَبِيرًا الله پاڪ توهان تي به رحم فرمائي، توهان منهنجي پوڙهائپ ۾ مون سان تمام سٺو سلوڪ ڪيو. ([1])
ڪيڏو نه پيارو انداز آهي. ڪاش! اسان به اهڙو انداز اپنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.
حديث شريف ۾ آهي: جڏهن انسان گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت ۽ کاڌو کائڻ وقت الله پاڪ جو ذڪر ڪندو آهي ته شيطان پنهجو پاڻ کي مخاطب ٿيندي چوندو آهي: اڄ هتي نه تنهنجي رات گذري سگهندي ۽ نه ئي توکي کاڌو ملي سگهندو ۽ جڏهن انسان گهر ۾ الله پاڪ جو نالو کڻڻ کان سواءِ داخل ٿيندو آهي ته شيطان چوندو آهي: اڄ جي رات هتي گذرندي. پوءِ جڏهن کاڌو کائڻ وقت الله پاڪ جو نالو نه وٺندو آهي ته هو چوندو آهي: توکي ٺڪاڻو به ملي ويو ۽ کاڌو به ملي ويو. ([2])
معلوم ٿيو ته گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت به الله پاڪ جو نالو وٺڻ گهرجي، مثلاً گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت بِسْمِ اللہ پڙهي وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! شيطان جي شر کان حفاظت رهندي.