Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
سگهي ٿي، سڀئي گڏجي ويهي تلاوت ڪن، الله پاڪ جي پاڪيزه نالن جو ذڪر ڪيو وڃي، درود پاڪ پڙهيو وڃي، پوءِ دعا ڪئي وڃي. ائين ئي يارھين شريف جو اهتمام ڪيو وڃي، هر مهيني يارھين شريف جي موقعي تي گهر ۾ مختصر محفل ٿي وڃي، گهر جا ئي سڀئي افراد هجن، ذڪر اذڪار ڪيا وڃن، درود پاڪ پڙهيو وڃي، تلاوت ڪئي وڃي، انهن سڀني جو ثواب غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي نذر ڪيو وڃي، اهڙي طرح ٻين صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم ، اولياء ۽ بزرگان دين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم جا ڏِهاڙا به گهر ۾ ملهايا وڃن. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر ۾ بهترين روحانيت وارو ماحول بڻجي ويندو.
گهريلو زندگيءَ جون ڪجهه سنتون ۽ آداب
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي گهرن جو ماحول درست ٿي وڃي، گهر ۾ اَمن هجي، سڪون هجي، چين هجي، گهر پهچڻ سان دماغ الجهڻ بدران ٿَڪُ لهڻ شروع ٿي وڃي، ان جي لاءِ گهر ۾ رهڻ متعلق جيڪي سنتون ۽ آداب پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرت پاڪ مان اسان کي سکڻ لاءِ ملن ٿيون، انهن کي اپنائڻ جي نيت ڪريو! بيشڪ سنت ۾ ئي عظمت آهي، اسان جي ترقي سنت سان ئي وابسته آهي. اچو ته گهريلو زندگي جي متعلق ڪجهه سنتون ۽ آداب سکون ٿا:
حديث پاڪ ۾ آهي: جڏهن توهان گهر ۾ داخل ٿيو ته گهر وارن کي سلام ڪريو ۽ جڏهن گهر کان ٻاهر وڃو ته سلام ڪري وڃو. ([1])
سکڻ جي ڳالهه آهي، اسان وٽ جيڪي مذهبي ذهن رکڻ وارا ماڻهو هوندا آهن، انهن کي به ڏٺو ويو آهي ته گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت ته سلام ڪندا آهن پر گهر مان نڪرڻ وقت سلام نه ڪندا آهن، ياد رکو! جيئن گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت سلام ڪرڻو آهي، تيئن ئي گهر مان ٻاهر وڃڻ وقت به سلام ڪرڻو آهي.