Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
سنتون به مسجد ۾ ئي ادا ڪيون وڃن. باقي جيڪي نفل آهن؛ مثلاً * تهجد * اشراق، چاشت * اوابين * رات جا نفل وغيرهه اهي گهر ۾ پڙهيا وڃن، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر ۾ نمازن جو ماحول بڻجي ويندو.
ابو داؤد شريف جي روايت آهي: هڪ دفعو پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قبيلي بنو اشهل ۾ تشريف وٺي ويا، اتي مغرب جي نماز باجماعت مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، نماز کان پوءِ ماڻهو اتي ئي ويهي تسبيح ڪرڻ لڳا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هَذِهِ صَلَاةُ الْبُيُوْتِ يعني هيءَ تسبيح گهر جي نماز آهي. ([1]) يعني کين گهرجي ته تسبيح وغيره گهر وڃي پڙهن.
معلوم ٿيو ته گهر ۾ به ذڪر اذڪار جو ماحول بڻائڻ گهرجي.
هڪ حديث پاڪ ۾ آهي:
مَثَلُ الْبَيْتِ الَّذِيْ يُذْكَرُ اللهُ فِيْهِ وَالْبَيْتِ الَّذِيْ لَا يُذْكَرُ اللهُ فِيْهِ مَثَلُ الْحَيِّ وَالْمَيِّتِ
ترجمو: اهو گهر جنهن ۾ الله پاڪ جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ اهو گهر جنهن ۾ الله پاڪ جو ذڪر نه ٿيندو آهي، انهن جو مثال زندهه ۽ مرده وانگر آهي. ([2])
يعني جنهن گهر ۾ ذڪر ٿيندو آهي، اهو زندهه آهي ۽ جنهن ۾ ذڪر نه ٿيندو آهي اهو گهر مرده آهي. تنهنڪري گهر ۾ ذڪر الله جو به ماحول بڻائڻ گهرجي. جيئن به آساني هجي، گهر ۾ ڪجهه نه ڪجهه ذڪر جي عادت بڻائڻ گهرجي، هڪ صورت اها به ٿي سگهي ٿي ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن مقرر ڪيو وڃي، مثلاً جمعي جي ڏينهن جمعي جي نماز کان پوءِ يا عصر جي نماز کان مغرب جي نماز تائين صرف پنهنجي ئي گهر جا ڀاتي شرعي پردي جو لحاظ رکندي گڏجي مختصر ذڪر ۽ درود جي محفل جو اهتمام ڪن، ان ۾ تلاوت به ٿي