Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
جو ٿَنڀو آهي. ([1]) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيستائين گهرن ۾ نمازن جو ماحول رهندو، تيسيتائين انهن گهر ۾ دين قائم رهندو.
پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَكْرِمُوْا بُيُوْتَكُمْ بِبَعْضِ صَلَاتِكُمْ يعني ڪجهه نمازن جي ذريعي پنهنجي گهر جي عزت وڌايو...!! ([2]) معلوم ٿيو؛ جيڪڏهن اسان گهر ۾ نمازن جو ماحول بڻائينداسين ته ان سان گهر جي عزت ۾ اضافو ٿيندو، ماڻهو اُن گهر کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا، واقعي ائين آهي، جيڪڏهن ان جو تجربو ڪرڻ چاهيو ٿا ته سوچيو توهان جي پنهنجي محلي ۾ توهان جي امام صاحب جي گهر جي ڪيتري عزت آهي، ان تي غور ڪريو! عام طور تي ماڻهو امام صاحب جي گهر کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، ماڻهن جي ذهن ۾ هوندو آهي ته هن گهر ۾ نيڪيون ٿينديون آهن، ٻار بيمار ٿي وڃي ته ماڻهو دم ڪرائڻ جي لاءِ امام صاحب وٽ کڻي ايندا آهن، گهر ۾ پريشاني ٿي وڃي ته امام صاحب جو رخ ڪيو ويندو آهي، ان جي پٺيان ڪهڙو راز لڪيل آهي؟ جواب آهي ته امام صاحب جي گهر ۾ نمازن جو ماحول هوندو آهي، تنهنڪري معاشري ۾ ان گهر جي عزت هوندي آهي.
گهر ۾ ڪهڙيون نمازون پڙهڻ گهرجن ...؟
بخاري شريف جي حديث آهي، فرمايو ويو: فَاِنَّ خَيْرَ صَلَاةِ الْمَرْءِ فِي بَيْتِهِ اِلَّا الصَّلَاةَ الْمَكْتُوْبَةَ بيشڪ انسان جي بهترين نماز اها آهي، جيڪا گهر ۾ پڙهي وڃي پر فرض نماز ( کان سواء). ([3])
معلوم ٿيو ته فرض نماز جيڪا آهي، اها ته اسان مردن کي مسجد ۾ باجماعت ادا ڪرڻي آهي، اهو واجب آهي. ([4]) اهڙي طرح محتاط طريقو هي آهي ته