Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

ڏڪي نه رهي آهي، ساڪن آهي، اسان جا گهر جتي آهن، اتي ئي صحيح سلامت موجود آهن، هي سڪون جو ذريعو آهن * تصور ڪريو! جيڪڏهن ڪو هڪ جهنگلي جانور مثلاً شينهن يا چيتو وغيرهه محلي ۾ اچي وڃي ته سڄي محلي ۾ ڪيترو نه خوف پکڙجي ويندو، ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي ويندو، زندگيءَ جا ڪيترائي معاملا درهم برهم ٿي ويندا. غور ڪريو! انهن جهنگلي جانورن کي جهنگ ۾ ڪنهن روڪي رکيو آهي؟ هزارين قسمن جا جانور، ڪِيڙا ماڪوڙا، نانگ، وڇونء ۽ نه ڄاڻ ڪيترائي زهريلا جانور دنيا ۾ موجود آهن، انهن سڀني جو رخ جيڪڏهن اسان جي رهائشي علائقن ڏانهن ٿي وڃي ته سوچيو! زندگي ڪيتري نه ڏُکِي ٿي ويندي، الله پاڪ انهن سڀني کي اسان جي گهرن کان پري رکيو آهي، اِهو ڪيڏو نه وڏو احسان آهي، ڪيڏي نه عظيم نعمت آهي. هن گهر جو به ته اسان کي شڪر ڪرڻو آهي. اهو ڪيئن ادا ڪرڻو آهي...؟ جواب آهي گهر ۾ نيڪين وارو ماحول بڻائي.

حضرت عبدالله بن عمر  رَضِیَ اللهُ عَنْہما   کان روايت آهي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم        فرمايو: اِجْعَلُوْا فِي بُيُوْتِكُمْ مِنْ صَلَاتِكُمْ، وَلَا تَتَّخِذُوْهَا قُبُوْرًا يعني ڪجهه نماز گهر ۾ به پڙهندا ڪريو! گهرن کي قبرستان نه بڻائي ڇڏيو...!! ([1])

معلوم ٿيو ته گهر چاهي دنيا جي خوشين سان ڀريل هجي، مال ۽ دولت جي ڪا ڪَمِي نه هجي، روشنين سان جڳمڳائي رهيو هجي، تمام عاليشان هجي، پر جيڪڏهن ان ۾ نماز نه ٿي پڙهي وڃي ته اهو قبرستان بلڪه ان کان به وڌيڪ ويران ۽ سنسان آهي. تنهنڪري پنهنجن گهرن ۾ نمازن جو ماحول بڻايو، گهر جي عورتن کي نرمي سان، پيار سان ترغيب ڏياريو، کين نمازي بڻايو، پاڻ به گهر ۾ نوافل وغيرهه جو سلسلو شروع ڪريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيڪڏهن گهر ۾ نمازن جو ماحول بڻجي ويو ته سمجهي وڃو ته گهر ۾ دين جو ٿَنڀو لڳي ويو. جي ها! حديث پاڪ ۾ آهي: الصَّلَاةُ عِمَادُ الدِّينِ يعني نماز دين


 

 



[1]... بخاری،کتاب الصلاۃ،باب کراہیۃ الصلاۃ فی المقابر،صفحہ:179،حدیث:432 ۔