Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو جيڪو گهر آهي، اهو چاهي جهڙو به آهي، عاليشان آهي يا جهوپڙي جيان آهي، گهر الله پاڪ جي نعمت آهي. حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا، اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن بستري تي تشريف فرما ٿيندا هئا ته چوندا هئا:
اَلْحَمْدُ لِلهِ الَّذِيْ أَطْعَمَنَا، وَسَقَانَا، وَكَفَانَا، وَآوَانَا فَكَمْ مِّمَّنْ لَا كَافِيَ لَهُ، وَلَا مُؤْوِيَ
ترجمو: سڀ تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي کارايو، پياريو، ضرورتون پوريون فرمايون ۽ اسان کي ٺڪاڻو عطا فرمايو. ڪيترائي اهڙا آهن، جن وٽ بقدر ڪفايت اسباب نه آهن، ڪيترائي اهڙا آهن جن جو ڪو گهر نه آهي. ([1])
ڪيترو نه پيارو انداز آهي...!! اڄ جي هن ترقي يافته دور ۾ به ڪيترائي ماڻهو فٽ پاٿ تي رات گذاريندا آهن، ڪيترائي اهڙا آهن، جن وٽ مٿو ڍَڪِڻ لاءِ به جاءِ نه آهي، اسان وٽ گهر آهي، توڙي جو ڪرائي جو آهي، پر موجود ته آهي.
الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اللّٰہُ جَعَلَ لَکُمۡ مِّنۡۢ بُیُوۡتِکُمۡ سَکَنًا
(پارو: 14، سورة نحل: 80)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ الله توهان جي گهرن کي توهان جي رهائش بڻايو
هي به الله پاڪ جو ڪيڏو نه وڏو احسان آهي جو هُن اسان جي گهرن کي اسان جي لاءِ سڪون جو ذريعو بڻايو آهي * صرف چند سيڪنڊن جو زلزلو اچي وڃي ته دل ڏڪي ويندي آهي، هوش خطا ٿي ويندا آهن، انسان چاهي ڪيترين ئي خوشين ۾ هجي، سڀ خوشيون ختم ٿي وينديون آهن، هيءَ زمين