Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

هن شخص جو چوڻ آهي ته اِها حضرت علي بن صالح  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي آخري گفتگو هئي، ائين چوڻ سان ئي سندن ساههَ جي تَندُ ٽُٽِي پئي ۽ پاڻ دارِ فاني ڏانهن ڪُوچ ڪري ويا. ([1]) الله پاڪ انهن تي رحم فرمائي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش فرمائي.  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

تلاوت کی توفیق دیدے الٰہی!                                                                                          گناہوں کی ہو دُور دل سے سیاہی

اي عاشقان رسول! توهان ٻڌو ته! حضرت علي بن صالح  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ، سندن ڀاءُ ۽ والده تلاوتِ قرآن جا ڪيڏا نه شوقين هئا، انهن جي گهر ۾ روزانو ختمِ قرآن ٿيندو هو، انهن خوش بختن کي شوقِ تلاوت جو ڪيڏو نه پيارو انعام مليو؛ حضرت علي بن صالح  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  کي وفات کان پهريان، دنيا ۾ ئي فرشتن جي سردار حضرت جبرائيل اَمين عَلَیْهِ السَّلَام  جي زيارت نصيب ٿي، حضرت جبرائيل اَمين عَلَیْهِ السَّلَام  کين پاڻي به پياريو ۽ الله پاڪ جو نيڪ ۽ انعام يافته ٻانهو هجڻ جي بشارت به ڏني.

هاڻي غور ڪريو ڪاش! اسان جي گهرن ۾ به اهڙو ماحول جُڙِي وڃي، ڀلا جيڪڏهن...!! اسان مڪمل قرآن ڪريم روزانو ختم نه به ڪري سگهون، پر گهر جو هر فرد روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ سيپارو ته تلاوت ڪري، سوچيو جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ته اسان جي گهرن جو ماحول ڪيترو نه پيارو ۽ پاڪيزه ٿي ويندو. * ڪيترو نه روح پرور ماحول بڻجي ويندو، جيڪڏهن اسان جي گهر ۾ روزانو سورة الملڪ جي تلاوت ٿيندي هجي، ڪڏهن بابا، ڪڏهن امان، ڪڏهن ڀاءُ، ڪڏهن ڀيڻ، ڪڏهن ڌيءَ تلاوت ڪري ۽ باقي ويهي ٻڌن. سُبْحٰنَ الله!

* گهر ۾ درس جو سلسلو هجي ته ديني ماحول پاڻمرادو بڻجندو ويندو.

 


 

 



[1]...صفۃ الصفوۃ، جزء:3، جلد:2، صفحہ:100و101بتغیرقلیل۔