Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
ڀاءُ حضرت حسن بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تلاوت ڪندا هئا ۽ بقايا ٽيون حصو قرآن ڪريم انهن جي والده محترمه تلاوت ڪندي هئي، ائين روزانو رات جو هڪ قرآن ڪريم مڪمل ٿي ويندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندن والده محترمه جو انتقال ٿي ويو، هاڻي هڪ فرد گهٽجي ويو، ان جي باوجود به هنن تلاوتِ قرآن ۾ گهٽتائي اچڻ نه ڏني، ٻنهي ڀائرن گڏجي والده محترمه جي ڪَمِي پوري ڪئي ۽ روزانو اڌ، اڌ قرآن ڪريم پڙهڻ جو معمول بڻائي ڇڏيو، اهڙي طرح روزانو ختمِ قرآن جو سلسلو جاري رهيو. پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو به انتقال ٿي ويو، هاڻي حضرت حسن بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اڪيلا رهجي ويا، پر انهن جي شوق تلاوت تي قربان! هنن تلاوت ۾ گهٽتائي اچڻ نه ڏني، هاڻي حضرت حسن بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اڪيلا ئي پنهنجي والده ۽ ڀاءُ جي حصي جي به تلاوت ڪندا هئا، يعني روزانو اڪيلي سِر پورو قرآن ڪريم ختم ڪندا هئا.
حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي هڪ ويجهي شخص جو بيان آهي ته جنهن رات حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو انتقال ٿيو، مان انهن وٽ موجود هئس، هنن مون کان پاڻي گهريو، مان ان وقت نماز پڙهي رهيو هيس، تنهنڪري فوراً پاڻي پيش نه ڪري سگهيس، نماز کان فارغ ٿي مان جلدي جلدي پاڻي کڻي حاضر ٿيس ته حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: مون هاڻي هاڻي پاڻي پيتو آهي. مون کي وڏي حيراني ٿي ته مون کان سواءِ هتي ٻيو ڪو به نه آهي، پوءِ پاڻي ڪنهن پيش ڪيو؟ مون حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان پنهنجي هن حيراني جو ذڪر ڪيو ته فرمايائون: الله پاڪ جي رحمت سان هاڻي هاڻي حضرت جبرائيل اَمين عَلَیْهِ السَّلَام مون کي پاڻي پياريو ۽ فرمايو: انبياء، صديقين، شُهَداء ۽ صالحين (يعني نيڪ ٻانها) اُهي ماڻهو آهن، جن تي الله پاڪ انعام فرمايو آهي، (اي علي بن صالح!) ٻڌ ...! تون، تنهنجو ڀاءُ ۽ تنهنجي والده به انهن نيڪ ماڻهن ۾ شامل آهيو، جن تي الله پاڪ جو انعام آهي.