Book Name:Mazdoron Ke 3 Huqooq
يا اهڙو رويو اختيار نه ڪريون جنهن سان کين ذلت محسوس ٿئي. انهن کي پاڻ کان گهٽ به نه سمجهو ڇوته پاڻ کي سٺو ۽ ٻين کي گهٽ سمجهڻ تڪبر آهي ۽ تڪبر حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ([1])
دهرائي
اڄ اسان مزدورن جا 3 حق سکيا آهن، ذهن نشين ڪري وٺو!
(1): اُجرت يا مزدوري اڳ ۾ طئي ڪرڻ (2): بَروقت مزدوري ادا ڪرڻ (3): مزدورن سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
سخت خطري جي وقت پڙهڻ واري دعا:
اَللّٰھُمَّ اسْتُرْ عَوْرَاتِنَا وَاٰمِنْ رَوْعَا تِنَا
ترجمو: يا الله اسان جي پردي داري فرماءِ ۽ اسان جي گهٻراهٽ کي بي خوفي ۽ اطمينان ۾ بدلائي ڇڏ. ([2])
اجتماعي جائزي جوطريقو(72 نيڪ اعمال)
روزانو 56 نيڪ اعمال:
(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه ۽ سُوْرَۃ الْاِخلاص پڙهي؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صِراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان پڙهيا يا ٻڌا؟ (7): شجري جا اوراد پڙهيا؟ (8): 313 ڀيرا دُرُود شريف پڙهيو؟ (9): اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10): ڪَنَن کي گناهن کان بچايو؟ (11): فضول نظري کان