Mazdoron Ke 3 Huqooq

Book Name:Mazdoron Ke 3 Huqooq

هن آيتِ ڪريمه ۾ ڪنهن جو مال ناحق ڦٻائڻ (مثال طور، مَزدُور جي مَزدُوري ناحق روڪي ڇڏڻ، دَڙڪا ڏئي ۽ دَهمان ڪري ڪم وڌيڪ ڪرائڻ ۽ اُجرت گهٽ ڏيڻ وغيرهه) کان منع ڪيو ويو آهي. ([1])

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

بيشڪ توهان جا ڪجهه (مسلمان) ڀائر توهان جا خادم آهن، الله پاڪ انهن کي اوهان جي ماتحت ڪيو آهي، تنهنڪري جنهن جو مسلمان ڀاءُ سندس ماتحت هجي، تنهن کي گهرجي ته * جيڪو پاڻ کائي، اهو ئي ان کي کارائي * جهڙو پاڻ پائي، تهڙو ئي ان کي پارائي * ان تي طاقت کان وڌيڪ بار نه رکي...!! * جيڪڏهن اهڙو ڪم ڪرائڻو هجي ته ان ۾ سندس مدد ڪري...!! ([2])

مزدورن جا3 حق

محنت فروش (يعني اُجرت وٺي ڪم ڪرڻ وارو) کي مَزدُور سڏيو ويندو آهي * مِستري * اليڪٽريشن * پلمبر * فيڪٽرين ۾ ڪم ڪرڻ وارا * بار کڻڻ وارا وغيرهه سڀ مَزدُور جي دائري ۾ اچن ٿا۔ اَلحمد للہ! دينِ اسلام مَزدُورن جي لاءِ به دينِ رحمت آهي، اسلام ۾ انهن جا به باقاعدہه حق مقرر آهن، اچو ته مَزْدُورن جا ٽي حق سکون:

پهريون حق:اُجرت يامزدوري اڳ ۾ طئي ڪرڻ

وضاحت:  مثال طور، اليڪٽريشن کان ڪو ڪم ڪرائڻو آهي، ان سان اُجرت اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو! اهڙي طرح رِڪشا يا گاڏي وغيرهه تي سفر ڪرڻو آهي، انهن سان به اُجرت اڳ ۾ طئي ڪريو! اهو چئي ڇڏڻ ته جيڪو مناسب هجي سو وٺجان يا ڪجهه به طئي نه ڪرڻ، اهو طريقو درست نه آهي ۽ اڪثر ڪري اهو جهيڙي جو سبب به بڻجندو آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللہُ عَلَيْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: جڏهن اَجير کي اُجرت تي رکو ته ان کي اُجرت اڳ ۾


 

 



[1]...تفسیر روح المعانی ،پارہ:5،سورۃ النساء ،تحت آیت :29،جلد:3،صفحہ:22۔

[2]...بخاری ،کتاب العتق ،باب  قول النبی العبید اخوانکم ،صفحہ:655 ،حدیث :2545۔