Book Name:Mazdoron Ke 3 Huqooq
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): فڪرِ مدينه: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ مزد و رن جا 3 حق جي عنوان تحت مفيد معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ سخت خطري جي وقت پڙهڻ واري دعا ياد ڪرائي ويندي. آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو پڻ ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن مون تي 100 ڀيرا درود پاڪ پڙهيو الله پاڪ ان جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ لکي ڇڏيندو آهي ته هي شخص نفاق ۽ جهنم جي باهه کان آزاد آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن شهيدن سان گڏ رکيو ويندو. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
آيت مبارڪه
الله پاڪ فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَاْكُلُوْۤا اَمْوَالَكُمْ بَیْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ
(پارو: 5، سورة النساء: 29)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارو! پاڻ ۾ هڪٻئي جو مال ناحق نه کائو.