Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

ميڊيڪل سائنس جي لحاظ کان جيڪڏهن هن جي باري ۾ ڳالهه ڪجي ته خبر پوندي ته! اسان جي وات ۾ جيڪا ٿُڪ ٺهندي آهي، اُها اصل ۾ اسان جي وات ۾ جيڪي ٽن قسمن جا غدود هوندا آهن *  ڪَنَ جي هيٺان * ڄاڙي جي هيٺان * ۽ زبان جي هيٺان. هنن غدودن جو ڪم اهو هوندو آهي ته هُو رت مان پاڻي، نمڪيات، پروٽين ۽ انزائمز کڻي انهن مان ٿُڪ ٺاهيندا آهن. اسان جي... يعني منهنجي، اوهان جي ۽ دنيا جي سڀني انسانن جي وات ۾ جيڪا ٿُڪ هوندي آهي، ان جي ذريعي کاڌو هضم ٿيندو آهي، کاڌو ڳِيهَڻَ ۾ آساني ٿيندي آهي، وات صاف رهندو آهي، ڳالهائڻ ۾ آساني ٿيندي آهي، ڏندن جي حفاظت ٿيندي آهي. يعني اسان جي لُعاب جا 5، 10، 15 فائدا هوندا آهن. پر قربان وڃان! ٻنهي جهانن جي تاجدار، رسولِ مالڪ ۽ مختيار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو شان ئي نرالو آهي:

گلبنِ باغِ نُور کی اَور ہی کچھ اُٹھان ہے

پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وات مبارڪ ۾ جيڪو لُعَاب شريف آهي، اهو صرف کاڌو هضم نه ڪندو آهي، صرف ڳالهائڻ ۾ آساني پيدا نه ڪندو آهي، بلڪه هي لُعَاب شريف جڏهن زخم تي لڳندو آهي ته دنيا جو بهترين مرهم بڻجي ويندو آهي * اکين کي لڳي ته اکين جو نور بڻجي ويندو آهي، کاڌي ۾ پئي ته کاڌي ۾ برڪت وجهي ڇڏيندو آهي * سخت کاري کُوهه ۾ پئي ته ان کي مٺو ڪري ڇڏيندو آهي * ڪنهن جي وات ۾ پئي ته طاقت، عزت، بهادري، علم ۽ نور جو خزانو بڻجي ويندو آهي.

جس کے پانی سے شاداب جان وجناں

اس دَہَن کی طَرَاوَت پہ لاکھوں سلام

جس سے کھاری کنویں شیرۂ جاں بنے

اس زُلالِ حَلاوت پہ لاکھوں سلام