Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein
محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائين ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.
شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ ”آيت سجده جا فضائل ۽ 60 مسئلا“ نالي رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثال طور واٽس ايپ وغيره استعمال ڪن ٿا، اهي الله پاڪ جي رضا ۽ ثواب جي لاءِ هي رسالو ٻين کي به شيئر (Share) ڪن!
ماهِ ربيع الاول شريف ۽ يوم تحفظِ عقيدھ ختم نبوت جي سلسلي ۾ مجلس ماهنامه فيضانِ مدينه جي طرفان جاري ڪيل خاص شمارو؛ بنام: ”سيرتِ خَاتَمُ النَّبِيّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم“. هن شماري ۾ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي نهايت آسان ۽ دل کي لڳندڙ انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هي شمارو رنگين 1100 رپين ۾ جڏهن ته سادو 550 رپين ۾ مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان طلب فرمايو! پاڻ به مطالعو ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، سنت جي فضيلت ۽ زندگيءَ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا