Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein

عاجزي سان عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي خبر نه هئي ته اوهان ياد فرمائي رهيا آهيو؟ اوهان ته منهنجي ڪند ذهني کي ڄاڻو ٿا، يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان اوهان جي پاڪ بارگاهه ۾ شفا جو طلبگار آهيان. علامه تفتازاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي فرياد ٻڌي درياءِ رحمت جوش ۾ اچي ويو، نبيءِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: پنهنجو وات کول! علامه تفتازاني وات کوليو ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو لُعاب مبارڪ سندن وات ۾ وڌو ۽ انهن جي حق ۾ دعا به فرمايائون.

بس لُعابِ پاڪ ملڻ جي دير هئي، اهو طالبِ علم جيڪو ڪند ذهن هو، هاڻي عالمِ اسلام جو وڏو عالم ۽ فاضل بڻجي چڪو هو. ٻئي ڏينهن جڏهن علامه تفتازاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  ڪلاس ۾ آيا ته پاڻ سبق جي دوران استاد صاحب کان ڪجهه علمي سوال ڪيائون، انهن جا اهي باريڪ ۽ علمي سوال ٻڌي استاد صاحب قاضي شيرازي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: اي مسعود! اڄ تون اهو نه آهين، جيڪو ڪالهه هئين. ٻڌاءِ! ڇا ماجرا آهي؟ علامه تفتازاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه استاد کي سمورو واقعو ٻڌايو ته استاد محترم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. ([1])

مِرے تم خواب میں آؤ، مِرے گھر روشنی ہو گی

مِری       قسمت        جگا       جاؤ،        عِنایت        یہ        بڑی        ہو      گی ([2])

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي لُعابِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جون، نه ختم ٿيندڙ برڪتون آهن. ڪاش! ڪڏهن اسان جي به قسمت چمڪي پئي، ڪاش! ڪنهن ڏينهن سمهون ته اسان جي به قسمت جاڳي پئي، اهي محبوب آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  نوراني چهرو چمڪائيندي، مبارڪ زلفن سان رستا معطر ڪندي خواب ۾ تشريف فرما ٿين، ڪاش! لُعابِ پاڪ به عطا فرمائن، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جا سمورا بگڙيل معاملا درست ٿي ويندا.


 

 



[1]... حافظہ کیسے مضبوط ہو؟، صفحہ:119-121۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:391۔