Book Name:Luaab e Pak e Mustafa Ki Barkatein
کُلندي ته هڪ ڪروڙ رپيا اسان وٽ هوندو؟ نه هوندو. پر قربان وڃان! اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان هتي به نرالو آهي، پاڻ جڏهن خواب ۾ تشريف فرما ٿيندا آهن ته حقيقت ۾ تشريف فرما ٿيندا آهن، ان خواب جا اثر اک کُلڻ کان پوءِ ختم نه ٿي ويندا آهن بلڪه جاڳڻ کان پوءِ به باقي رهندا آهن.
علامہ سعد الدين تفتازاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڏا عالمِ دين ٿي گذريا آهن، درسِ نظامي (يعني عالم ڪورس) ۾ انهن جا لکيل ڪيترائي ڪتاب پڙهايا ويندا آهن. علامہ تفتازاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه قاضي شيرازي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وٽ پڙهندا هئا ۽ ڪلاس ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪُند ذهن (يعني ڪمزور ذهن وارا) سمجهيا ويندا هئا. سندن ڪلاس فيلوز (Class Fallows) ڪمزور يادداشت جي ڪري انهن جي مذاق اڏائيندا هئا. ان جي باوجود به پاڻ همٿ نه هاريائون ۽ محنت ڪندا رهيا، وڏي محنت ۽ ڪوشش سان سبق ياد ڪندا هئا، پر کانئن وسري ويندو هو، پر هو بار بار ياد ڪندا هئا، اهڙي طرح پاڻ سخت محنت جاري رکيائون. هڪ دفعي پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سبق ياد ڪرڻ ۾ مصروف هئا ته هڪ اجنبي شخص آيو ۽ چيائين: مسعود! اُٿو ته سير ڪرڻ هلون. علامه تفتازاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جواب ۾ چيو: مون کي سير ۽ تفريح لاءِ پيدا نه ڪيو ويو آهي، هُونئن به ايترو وقت پڙهڻ جي باوجود مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته پوءِ مان سير ۽ تفريح ۾ وقت ڪيئن برباد ڪريان؟ اِهو جواب ٻڌي اُهو اجنبي شخص هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ ٻيهر اهو ئي شخص آيو، هن ٻيهر کين سير ۽ تفريح جي دعوت ڏني، پاڻ وري به کيس ساڳيو ئي جواب ڏنائون. ٿوري دير کان پوءِ ٽيون دفعو اهو ئي شخص آيو ۽ هِن ڀيري چيائين: اوهان کي الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ياد فرمائي رهيا آهن. بس اهو ٻڌڻ جي دير هئي ۽ علامه تفتازاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي بدن تي ڏَڪڻي طاري ٿي وئي ۽ پاڻ اُگهاڙي پيرين ئي ديدارِ محبوب جي لاءِ ڊوڙي پيا. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شهر کان ٻاهر هڪ وڻ جي هيٺان جلوہ فرما هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تفتازاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي ڏسي مسڪرايو ۽ فرمايائون: اسان جي بار بار گهرائڻ باوجود به اوهان نه آيا؟ علامه تفتازاني