Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

آهن، اِيمان تي وارُ ڪندا آهن، انهن جي هن فتني کان بچڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي، اهو ئي جيڪو حضرت حبيب بن زيد رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اپنايو، پاڻ صاف صاف فرمائي ڇڏيو: اي مسيلمہ! تون نبي آهين، منهنجا ڪن هي ڳالهه ٻڌڻ کان ٻوڙا آهن. يعني هي ڳالهه 100٪ فائنل آهي ته مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي آهن، بس! ان کان پوءِ مون کي ڪا ٻي ڳالهه ٻڌڻي ئي ناهي.

مُحَمَّدِ مصطفےٰ!                     سب سے آخری نبی!        احمدِ مجتبیٰ!                       سب سے آخری نبی!

آمنہ کا لاڈلا!                   سب سے آخری نبی!        شاہِ ہر دوسرا!                 سب سے آخری نبی!

عقیدہ سب صحابہ کا!         سب سے آخری نبی!        عقیدہ اَہْلِ بیت کا!           سب سے آخری نبی!

عقیدہ غوثِ پاک کا!        سب سے آخری نبی!        اَوْلیا نے بھی کہا!              سب سے آخری نبی!

ہیں شفیع الْوَرا!                 سب سے آخری نبی!        عاصیوں کا آسرا!            سب سے آخری نبی!

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! شيخ الاسلام و المسلمين سيدي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن به سڄي زندگي عقيدهءِ ختمِ نبوت تي پهرو ڏنو آهي، قاديانين ۽ بعض ٻين بدمذهبن لفظ خَاتَمُ النَّبِیّٖنَ جون تمام گهڻيون تاويلون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن لفظ جا اهي معنيٰ جيڪي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بيان فرمايا آهن، انهن تي اعتراض اٿاريا ته اللہ پاڪ جي فضل سان هي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ئي هئا، جن انهن اعتراضن جا نهايت علمي جواب ڏنا، پاڻ عقيدهءِ ختمِ نبوت تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن ۽ انهن ۾ دليلن جا اهڙا انبار لڳايا آهن جو پڙهي مزي کي به مزو اچي وڃي ٿو.

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ ڪمال هي به آهي ته پاڻ نهايت خوبصورتي سان صرف هڪ شعر ۾ پوري عقيدهءِ ختمِ نبوت کي بيان ڪيو آهي، پاڻ لکن ٿا:

نہ رکھی گل کے جوشِ حُسْن نے گلشن میں جَا باقی            چٹکتا    پھر    کہاں    غُنچہ    کوئی    باغِ    رسالت    کا([1])


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:37۔