Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

Book Name:Aaqa Ki Shan Khatm e Nabuwwat

تون گواهي ڏئين ٿو ته مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) الله جا رسول آهن. فرمايائون: ها، بلڪل مان گواهي ڏيان ٿو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله جا رسول آهن. مسيلمہ وري پڇيو: اَ تَشْہَدُ اَنِّی رَسُوْلُ اللہ؟ ڇا تون گواهي ڏئين ٿو ته مان الله جو رسول آهيان؟ فرمايائون: منهنجا ڪن تنهنجي هي ڳالهه ٻڌڻ کان ٻوڙا آهن. مسيلمہ کي هي ٻڌي غصو آيو، ان ڪري ان جي حڪم تي سندن هڪ ٻانهن ڪٽي وئي. مسيلمہ پنهنجو سوال ورجايو: اَ تَشْہَدُ اَنَّ مُحَمَّداً رَسُوْلُ اللہِ؟ ڇا تون گواهي ڏئين ٿو ته مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله جا رسول آهن. فرمايائون: ها، بلڪل مان گواهي ڏيان ٿو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله جا رسول آهن. وري پڇيائين: اَ تَشْہَدُ اَنِّی رَسُوْلُ اللہ؟ ڇا تون گواهي ڏئين ٿو ته مان الله جو رسول آهيان؟ فرمايائون: منهنجا ڪن تنهنجي هي ڳالهه ٻڌڻ کان ٻوڙا آهن. هاڻي سندن ٻي ٻانهن به ڪٽي وئي، مسيلمہ وري پنهنجا سوال ورجايا، هاڻي به پاڻ اهي ئي جواب ڏنا. ان ڪري سندن هڪ ٽنگ (Leg) به ڪٽي وئي، وري مسيلمہ اهي ئي سوال پڇيا.

هاڻي سندن ٻئي ٻانهون ڪلهن تائين ڪٽجي چڪيون هيون، هڪ ٽنگ به ڪٽجي چڪي هئي، جسم مان خون وهي رهيو هو، شدت جي تڪليف به ٿي رهي هئي پر قربان وڃجي! جذبهءِ ايماني هو جو هاڻي به ڪمزور نه ٿيو هو، پاڻ پوري جرئت سان هاڻي به اهي ئي جواب ورجايا، هاڻي سندن ٻي ٽنگ به ڪٽي وئي،([1])  هڪ روايت ۾ آهي: آخرڪار مسيلمہ ڪذاب انهن کي باهه ۾ وجهرائي شهيد ڪري ڇڏيو، پاڻ آخري دم تائين اهو ئي چوندا رهيا: مان مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي الله جو رسول مڃان ٿو پر اي مسيلمہ! تون الله جو رسول آهين، هي ڳالهه ٻڌڻ کان منهنجا ڪن ٻوڙا آهن. ([2])

سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي جذبهءِ ايماني...!! اللہ پاڪ اسان کي به اهڙو جذبو نصيب فرمائي. قادياني حربا استعمال ڪن ٿا، طرح طرح جون ڳالهيون ڪري، غلط دليل ڏئي ويچارن گهٽ علم وارن مسلمانن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندا


 

 



[1]...اسد الغابہ فی معرفۃ الصحابہ،جلد:1،صفحہ:675 مفصلًا۔

[2]...تاریخ الخمیس،الخاتمہ ،الفصل الثانی من الخاتمہ،جلد:3،صفحہ:196 ۔