Book Name:Ulama e Kiram Ke 3 Huqooq
فَسْــٴَـلُوْۤا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَۙ(۴۳) (پارو: 14، سورة النحل: 43)
ترجمو ڪنز العرفان: اي انسانو! جيڪڏهن توهان نه ٿا ڄاڻو ته علم وارن کان پڇو.
معلوم ٿيو ته جنهن مسئلي جي باري ۾ ڄاڻ نه هجي، ان بابت عُلَماءِ ڪِرام ڏانهن رجوع ڪرڻ ضروري آهي. تنهنڪري ڪو به مسئلو پيش اچي يا ڪوئي وسوسو دل ۾ کُٽڪي ته سني صحيح العقيدہ عالمِ دين کان ان بابت پڇا ڪئي وڃي.
نوٽ: پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ دار الافتاء اھلسنت سان رابطو ڪريو!
ٽيو ن حق : عُلَماءِ ڪِرام جي اطاعت ڪرڻ
وضاحت: الله پاڪ فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوا الرَّسُوْلَ وَ اُولِی الْاَمْرِ مِنْكُمْۚ (پارو: 5، سورة النساء: 59)
ترجمو ڪنز العرفان: اي ايمان وارو! الله جي اطاعت ڪريو ۽ رسول جي اطاعت ڪريو ۽ انهن جي جيڪي توهان منجهان حڪومت وارا آهن.
هتي اُولي الامر مان مراد عُلَماءِ ڪرام آهن. ([1]) جيئن حضور اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي اطاعت الله پاڪ جي اطاعت آهي، تيئن ئي عالمِ دين جي فرمانبرداري رسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي فرمانبرداري آهي. ([2])
دهرائي
اڄ اسان عُلَماءِ ڪِرام جا 3 حق سکيا آهن، ذهن نشين ڪري وٺو!