Book Name:Ulama e Kiram Ke 3 Huqooq
عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي جناب ۾ گستاخي الله پاڪ جي لعنت ۽ دردناڪ عذاب جو سبب آهي. ([1]) * جيڪڏهن عالِم کي ان ڪري برو چوي ٿو ته هُو عالِم آهي، ته پوءِ اُهو صريح ڪافر آهي (ڇو ته هُو عالِم کي نه پر عِلمِ دين کي برو سمجهي رهيو آهي ۽ عِلمِ دين ڇا آهي؟ قرآن ۽ سنت جو علم) * عالِمِ دين جي بطور عالِمِ دين توهين نه ٿو ڪري، بلڪه عِلمِ دين جي ڪري ان جي تعظيم کي فرض ٿ سمجهي، پر پنهنجي ڪنهن دُنيوي دشمني جي سبب عالِمِ دين کي گاريون ڏِئي يا ان جي توهين ڪري، ته اهو سخت فاسق ۽ فاجر آهي * ۽ جيڪڏهن بنا ڪنهن سبب جي عالِمِ دين سان بغض رکي ته اهو مَرِيْضُ الْقَلْبِ وَ خَبِیْثُ الْباطِن (يعني دل جو مريض ۽ خبيث باطن وارو) آهي. بزرگانِ دين فرمائن ٿا: مَنْ اَبْغَضَ عَالِمًا مِّنْ غَیْرِ سَبَبٍ ظَاھِرٍ خِیْفَ عَلَیْہِ الْکُفْر يعني جيڪو بغير ڪنهن ظاہري سبب جي عالمِ دين سان بغض رکي، ان تي ڪفر جو خوف آهي. ([2]) * عوام کي عُلَماءِ دين کان بدظن ڪرڻ تمام سخت گناهه آهي. ([3])
عُلَماء جي تعظيم جا ڪجهه مثال: * عُلَماءِ ڪرام جي اڳيان نه هلڻ * انتھائي ادب ۽ احترام سان ساڻن گفتگو ڪرڻ، بدتميزي کان بچڻ * عُلَماءِ ڪرام جي ڳالهه کي اڌ ۾ نه ڪٽڻ * مسئلو پڇڻ جي لاءِ مناسب وقت ۽ سٺن لفظن جي چُونڊَ ڪرڻ * انهن جون نصيحتون قبول ڪرڻ * سندن خدمت ڪرڻ * انهن جي خلاف دل ۾ ڪا به ڳالهه نه آڻڻ * انهن جي لاءِ چڱا لفظ استعمال ڪرڻ وغيرهه وغيرهه.
ٻيون حق: عُلَماءِ ڪرام ڏانهن رجوع ڪرڻ
وضاحت: اسان تي لازم آهي ته ديني مسئلن ۽ معاملن جي رهنمائيءَ لاءِ عُلَماءِ ڪرام جي خدمت ۾ حاضر ٿيون ۽ انهن کان مسئلا سکون. الله پاڪ فرمائي ٿو: