Book Name:Ulama e Kiram Ke 3 Huqooq
چنڊ جي سڀني سِتارن تي.([1]) * قيامت جي ڏينهن عُلماءِ دين جي قلمن جي مَسُ ۽ شهيدن جي رت کي توريو ويندو ته مس رت تي غالب اچي ايندي. ([2]) * عُلماءِ دين نبين جا وارث آهن. ([3]) * قيامت جي ڏينهن عُلَماءِ دين يعني دين جا عالم شفاعت ڪندا. ([4])
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
جيڪو اسان جي عالمن جو حق نه سڃاڻي، اُهو اسان مان نه آهي (يعني اسان جي طريقي تي نه آهي). ([5])
پيارا اسلامي ڀائرو! علماءِ ڪرام جا اسان تي ڪيترائي حق آهن، جن مان 3 حق اسان اڄ سکنداسين:
پهريون حق: تعظيم ۽ احترام ڪرڻ
وضاحت: رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: عُلَماء جي تعظيم ڪريو ...! ڇاڪاڻ ته عُلَماء انبياءِ ڪرام عَلَیْہم السَّلام جا وارث آهن. جنهن عالمن جي تعظيم ڪئي (عزت ۽ احترام) ڪيو، تنهن الله ۽ ان جي رسول جي تعظيم ڪئي. ([6]) اعليٰ حضرت رَحمۃاللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: عالِمِ دين، سُني، صحيح العقيدہ، جيڪو ماڻهن کي حق ڏانهن سڏي ۽ حق جي ڳالهه ٻڌائي، اُهو محمد رسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو نائب آهي. ان جي تحقير ڪرڻ، مَعَاذَ اللہ! محمد رسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي تحقير ڪرڻ آهي ۽ محمد رسول الله صَلَّی اللہُ
[1]...ابنِ ماجہ ،باب فضل العلماء والحث علی طلب العلم ،صفحہ:49،حدیث:223۔
[2]...تاريخ بغداد ،محمد بن حسن ،جلد:2،صفحہ:190،حديث :618۔
[3]...ابنِ ماجہ ،باب فضل العلماء والحث علی طلب العلم ،صفحہ:49،حدیث:223۔
[4]...شعب الایمان ،باب فی طلب العلم ،جلد:2،صفحہ:268، حدیث:1717،ماخوذاً ۔
[5]...الجامع الصغیر ،حديث : 7694۔
[6]...الجامع الصغیر ،حدیث:1428۔