Book Name:Ulama e Kiram Ke 3 Huqooq
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن جو جدول
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): فڪرِ مدينه: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ عُلماءِ ڪرام جا 3 حق جي باري ۾ مفيد معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ بيت الخلاء مان ٻاهر نڪرڻ وقت پڙهڻ واري دعا ياد ڪرائي ويندي. آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو پڻ ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو مون تي جمعي جي ڏينهن درود شريف پڙهندو، قيامت جي ڏينهن مان ان جي شفاعت ڪندس.([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
عُلماءِ ڪرام جا 3 حق
آيت مبارڪه
قُلْ هَلْ یَسْتَوِی الَّذِیْنَ یَعْلَمُوْنَ وَ الَّذِیْنَ لَا یَعْلَمُوْنَؕ (پارو: 23، سورة الزمر: 9)
ترجمو ڪنزالعرفان: اوهان فرمايو ڇا علم وارا ۽ بي علم برابر آهن؟
يعني غير عالِم ڪنهن به طرح عالِمِ دين جي مرتبي کي نه ٿو پهچي سگهي.([2]) * عالِم دين جي فضيلت عابد تي ائين آهي جيئن چوڏهينءَ رات جي