Book Name:Jazba e Ishq e Rasool Aur Dawat e Islami
.2شعبن ۾ خوفِ خدا، عشقِ رسول ۽ دين جي خدمت جو جذبو رکڻ وارن اسلامي ڀائرن کي تلاش ڪري، کين ديني ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏياري وڃي. ([1])
3۔ محبت جڏهن وڌندي آهي ۽ تمام گهڻي ٿي ويندي آهي ته ان کي عشق چيو ويندو آهي. اسان کي عشقِ رسول ۾ زندگي گذارڻ گهرجي ۽ عشقِ رسول جو اعليٰ درجو هي آهي ته سندن نقشِ قدم ۽ سنتن تي هلجي. ([2])
4۔ سرمايهءِ عشق حاصل ڪرڻ جي لاءِ عشقِ الهي ۽ عشقِ رسول تي ٻڌل حڪايتون ۽ مضمون پڙهڻ گهرجن. ([3])
5۔عشقِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ دل جلائڻ به ثواب جو ڪم آهي.([4])
6۔نعت شريف ٻڌڻ سان عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو آهي. ([5])
7۔سيرت جو مطالعو ڪريو ۽ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون دين جي خاطر ڏنل قربانيون ۽ امت تي شفقت جي انداز جي باري ۾ معلومات حاصل ڪريو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو. ([6])
اي اللہ ڪريم! اسان جي دلين کي پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عشق ۽ محبت سان ڀري ڇڏ ۽ اسان کي سندن سنتن تي عمل ڪرڻ ۽ دينِ متين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
[1]... مدنی مشورہ مرکزی مجلسِ شوریٰ، 27تا29ربیع الآخر 1439ھ بمطابق 15 تا17جنوری 2018ءماخوذاً
[2]... ملفوظاتِ امیرِ اہلِ سنّت، قسط 86: بیٹی کی پیدائش پر مبارکباد دینا کیسا ؟ ، ص 8
[3]... مَدَنی مذاکرہ، 4 ذوالقعدۃ الحرام 1435
[4]... مدنی مشورہ مرکزی مجلسِ شوریٰ، 16محرم 1437ھ بمطابق نومبر2015ء
[5]... ملفوظاتِ امیرِ اہلِ سنّت ، قسط 230: چھوٹوں پر شفقت نہ کرنے کے نقصانات ، ص 14ماخوذاً
[6]... ملفوظاتِ امیرِ اہلِ سنّت ، قسط 230: چھوٹوں پر شفقت نہ کرنے کے نقصانات ، ص 14