Book Name:Jazba e Ishq e Rasool Aur Dawat e Islami
رهو ۽ پنهنجي اولاد ۽ ايندڙ نسلن کي به عشقِ رسول جي جذبي سان سرشار ڪرڻ جي لاءِ هن پاڪيزه ماحول سان منسلڪ ڪري ڇڏيو، پيڪرِ عشقِ رسول اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي غلاميءَ ۾ شامل ٿي وڃو ۽ پنهنجي گهر وارن کي به هيءَ سعادت ڏياريو. پنهنجي ٻارن کي دعوتِ اسلامي جي مدرسن ۽ جامعات ۾ داخل ڪرايو. سندن دلين ۾ عشقِ رسول جو چراغ روشن ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت ڪرايو ۽ ”نيڪ اعمال“ رسالي جي مطابق پاڻ به عمل ڪريو ۽ پنهنجي اولاد کي به ڪرايو. جيڪڏهن اللہ پاڪ چاهيو ته اوهان جي ۽ اوهان جي ايندڙ نسلن جي دلين ۾ عشقِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اهڙو جذبو پيدا ٿيندو، جيڪو کين زندگيءَ جي هر معاملي ۾ سنتن جي پيرويءَ ڏانهن راغب ڪندو رهندو.
میری آنے والی نسلیں تیرے عشق ہی میں مچلیں انہیں نیک تم بنانا مدنی مدینے والے
اچو ته! عشقِ رسول جي جذبي کي وڌائڻ لاءِ اميرِ اهلِ سنت جي مدني مذاڪرن ۽ مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن مان چونڊيل ڪجهه اهم مدني گُلَ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا:
مدني مذاڪرن ۽ مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن مان چونڊيل ڪجهه اهم مدني گُلَ
.1تربيت صرف ديني ڪم ڪرڻ جا مدني گُلَ ٻڌائڻ ۽ سيکارڻ جو نالو نه آهي، بلڪه ان ۾ خوفِ خدا، عشقِ مصطفيٰ، مسلمانن جي خيرخواهيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ، فرائض ۽ واجبات جي آگاهي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ آمادہ ڪرڻ ۽ سوچن کي بدلائڻ وغيرهه به شامل آهي. ([1])