Book Name:Jazba e Ishq e Rasool Aur Dawat e Islami
عشقِ رسول جي شمع روشن ڪئي ويندي آهي. دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماعن ۾ وقتاً فوقتاً جڏهن پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرت جو روشن ذڪر ٿيندو آهي ته محبتِ رسول جا جذبا پروان چڙهندا آهن. علائقائي دوري ۾ جڏهن ڪو مبلغ نيڪيءَ جي دعوت ڏيندي چوندو آهي ته اسان الله پاڪ جا گنهگار ٻانها ۽ سندس آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا غلام آهيون ته دلين ۾ محبتِ رسول جاڳي پوندي آهي. دعوتِ اسلاميءَ جو مدني چينل سڄي دنيا ۾ قرآن ۽ سنت جو پيغام عام ڪرڻ سان گڏوگڏ عشقِ رسول جي فروغ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي چينل بزرگن، نوجوانن ۽ ٻارن سميت هر عمر جي ماڻهن لاءِ اهڙا پروگرام نشر ڪري رهيو آهي، جيڪي کين محبتِ رسول سان سرشار ڪري رهيا آهن. هن ديني ماحول جو ئي اثر آهي جو ٻچو ٻچو پياري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا گيت ڳائيندو نظر اچي رهيو آهي. تحرير ۽ تصنيف جي ميدان ۾ ڏسو ته اسلامڪ ريسرچ سينٽر ۽ ماھوار فيضانِ مدينه جا رسالا ۽ تحريرون ماڻهن ۾ محبتِ رسول جا جذبا گرمائي رهيون آهن. ايئن ئي هِن سال دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نبيِ پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو 1500 هون جشنِ ولادت انتھائي جوش ۽ جذبي سان ملهائي، دلين ۾ محبت ۽ عظمتِ رسول پيدا ڪرڻ جو ڀرپور اهتمام ڪري رهي آهي.
عشقِ رسول جي جذبي جو عملي مظاهرو
پيارا اسلامي ڀائرو! انسان جنهن سان محبت ڪندو آهي، ان جي رنگ ۾ رنڱجي ويندو آهي ۽ پنهنجي هر ڪم ۾ پنهنجي محبوب جي ادائن کي اختيار ڪرڻ پسند ڪندو آهي. محبتِ رسول اسان جو ايمان ۽ عشقِ رسول اسان جي سڃاڻپ آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول عشقِ رسول جي جذبي سان سرشار آهي. تنهنڪري پاڻ به مرڻ گهڙيءَ تائين دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته