Book Name:Jazba e Ishq e Rasool Aur Dawat e Islami
اهو ئي عشقِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اصل روح ۽ مسلمان جي ڪاميابيءَ جو راز آهي.
دعوتِ اسلامي ۽ جذبهءِ عشقِ رسول
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول عام ماڻهن خاص ڪري نوجوانن کي محبتِ رسول جا جام پيارڻ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جو گناهن ۽ غفلت سان ڀريل زندگين ۾ مست رهڻ وارا نوجوان هن ديني ماحول جي برڪت سان خوفِ خدا ۽ عشقِ رسول ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ وارا بڻجي ويا. دعوتِ اسلامي کين عشقِ رسول جو اهڙو سبق سيکاريو جو جيڪي ڪالهه تائين فيشن جا متوالا هئا، اُهي پياري آقا جي محبت ۾ سندن سنتن تي عمل ڪندي ڏاڙهي ۽ عمامو شريف سجائڻ وارا بڻجي ويا. عشقِ رسول انهن کي اهڙو جذبو ۽ حوصلو عطا ڪيو جو اهي نوجوان پُوري دنيا ۾ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن جو درس ڏيڻ ۽ سندن عطا ڪيل دين جي خدمت ۾ پنهنجيون زندگيون گذارڻ لڳا. نوجوانن جي زندگين ۾ انقلاب برپا ڪرڻ ۽ کين عشقِ رسول جا جام پيارڻ ۾ هڪ اهڙي معلم ۽ شيخِ ڪامل پنهنجو عظيم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن کي دنيا اميرِ اهلِ سنت جي نالي سان سڃاڻيندي آهي. سندن گفتگو محبتِ رسول جي چاشني سان ڀريل هوندي آهي، سندن تحريرون عشق ۽ ادب جي دنيا ۾ وٺي وينديون آهن، سندن شاعري عشقِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اهڙي خوشبوءَ پکيڙيندي آهي جنهن سان روح جون ڪَلِيُون مهڪي پونديون آهن. سندن ٺاهيل تنظيم دعوتِ اسلامي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ ۽ جذبهءِ عشقِ رسول کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان جي تعليمي ادارن، مدرسن ۽ جامعات ۾ نئين نسل کي تعليم سان گڏوگڏ محبتِ رسول جا جام به پياريا ويندا آهن ۽ سندن سينن ۾