Jazba e Ishq e Rasool Aur Dawat e Islami

Book Name:Jazba e Ishq e Rasool Aur Dawat e Islami

اسان کي اسان جي مال، اولاد، ماءُ پيءُ ۽ سخت اُڃ جي وقت ٿڌي پاڻيءَ کان به وڌيڪ محبوب آهن.([1])

عشقِ رسول جو جذبو ڇو ضروري آهي؟

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي هن فتنن واري دور ۾، جتي گناهن جي بازار گرم آهي ۽ هر شخص نفس ۽ شيطان جي ڄار ۾ جڪڙيو پيو آهي، اهڙين حالتن ۾ عشقِ رسول اهو سچو جذبو آهي، جيڪو هڪ مسلمان جي زندگي کي سنتن جي مطابق گذارڻ ۽ کيس گمراهيءَ کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. عشقِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ اهڙي روشني آهي، جيڪا مسلمانن کي پَستي، زوال ۽ گمراهيءَ جي کڏ مان ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هي جذبو هڪ اهڙي روحاني قوت عطا ڪندو آهي، جيڪو انسان کي نيڪي، تقوٰي ۽ سنتن تي عمل ڪرڻ ڏانهن وٺي ويندو آهي. جڏهن ڪو مسلمان پياري آقا        صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت ۾ گُم ٿي ويندو آهي، ته سندس دل دنيا جي محبت کان دور ٿي، اللہ پاڪ ۽ سندس رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اطاعت ڏانهن مائل ٿي ويندي آهي. اڄ مختلف قسم جي فتنن مسلمانن کي ديني قدرن کان پري ڪري ڇڏيو آهي. اهڙين حالتن ۾ جذبهءِ عشقِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ اهڙي ڍال آهي، جيڪا انهن فتنن جي اثرن کان بچائيندي آهي. عشقِ رسول جي جذبي سان سرشار مسلمان پنهنجي زندگي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرت جي مطابق گذارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ سندس زندگي اطاعت ۽ اتباعِ رسول جو عملي نمونو بڻجي ويندي آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي محبت کي غالب رکون، سندن سنتون اختيار ڪريون ۽ سندن پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيون.


 

 



[1]... الشفا، القسم الثانی، الباب الاول، فصل فیماروی عن السلف والائمۃ من محبتہم للنبی، الجزء الثانی، ص20