Book Name:Jazba e Ishq e Rasool Aur Dawat e Islami
پنهنجي خواهشن، پنهنجي گهر وارن ۽ دنيا جي هر شيءِ کان وڌيڪ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي محبوب سمجهي. جيئن الله پاڪ جي آخري نبي رسولِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: لَا یُؤْمِنُ أَحَدُکُمْ حَتّٰی أَکُوْنَ أَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ وَّالِدِہٖ وَوَلَدِہٖ وَالنَّاسِ أَجْمَعِیْنَ يعني توهان مان ڪو به ان وقت تائين مومن نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين مان کيس سندس والدين، اولاد ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان. ([1])
اهڙي طرح حضرت ابو رزين عقيلي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بارگاههِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يا رسول اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، ايمان ڇا آهي؟ ارشاد فرمايائون: ايمان هي آهي ته اللہ پاڪ ۽ سندس رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تنهنجي نظر ۾ سڀني کان وڌيڪ محبوب هجن. ([2])
جيڪڏهن اسان صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي سيرت جو جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي ته سندن زندگيءَ جو سڀ کان نمايان پهلو عشقِ رسول هو، جيڪو سندن ايمان جو روح ۽ بنياد هو. تاريخ شاهد آهي ته انهن هستين پنهنجو مال، جان، وقت ۽ جذبا سڀ ڪجهه نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي قربان ڪري ڇڏيا. انهن ۾ عشقِ رسول جو جذبو ڪيترو اعليٰ هو، ان جو اندازو هِن مان لڳايو ته امير المؤمنين حضرت علي المرتضٰي، شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان ڪنهن سوال ڪيو ته اوهان رسول اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيتري حد تائين محبت ڪندا آهيو؟ پاڻ فرمايائون: كَانَ وَاللهِ اَحَبُّ اِلَيْنَامِنْ اَمْوَالِنَا وَاَوْلادِنَا وَاٰبَائِنَا وَاُمَّهَاتِنَا وَمِنَ الْمَاءِ الْبَارِدِ عَلَی الظَّمَأِ، خدا جو قسم! رحمتِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم