Jazba e Ishq e Rasool Aur Dawat e Islami

Book Name:Jazba e Ishq e Rasool Aur Dawat e Islami

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

جذبهءِ عشقِ رسول ۽ دعوتِ اسلامي

دُرود شريف جي  فضيلت            

آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي ته: قيامت جي ڏينهن  ماڻهن مان منهنجي سڀ کان ويجهو اهو هوندو، جنهن دنيا ۾ مون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهيو هوندو.([1])  

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!                                              صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

 حضرت انس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي ته هڪ شخص حضور   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: يا رسول اللہ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت ڪڏهن ايندي؟ پاڻ فرمايائون: تو قيامت جي لاءِ ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ هن عرض ڪيو: يارسول اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون وٽِ (نفلي) نمازون، روزا ۽ صدقن جي گهڻائي ته نه آهي، پر مان اللہ پاڪ ۽ سندس رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سڀني کان وڌيڪ محبوب رکندو آهيان. آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: تون انهيءَ سان ئي گڏ هوندين، جنهن کي تون محبوب رکندو آهين.([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! محبتِ رسول صرف هڪ جذباتي ڪيفيت نه،  پر هي هڪ عظيم جذبو آهي، جيڪو اسان جي ايمان جو بنياد آهي. هڪ مسلمان جو ايمان تڏهن ئي ڪامل آهي، جڏهن هُو پنهنجي جان،


 

 



[1]... ترمذی، ابواب الوتر، باب ماجاء فی فضل الصلاۃ علی النبی صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ، ص144،حديث: 484

[2]... بخاری،کتاب الاحکام ،باب القضاء و الفتیاء فی الطریق ، ص1735 ، حدیث: 7153،ملتقطاً