Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam

ڪئي آهي، اهي سچا به آهن يا ڪوڙا آهن، اها وڏي آزمائش جي ڳالھ هئي، قربان وڃجي! محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي اسان کي ان امتحان کان بچايو ويو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي بڻجي تشريف وٺي آيا، هاڻي بس ڳالھ فائنل آهي، ۽ ڪو نئون نبي اچڻو ئي ناهي، ڪو بدبخت نبوت جي دعويٰ ڪري به ته پرکڻ، تحقيق ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي، اکيون بند ڪري چئي ڇڏيو، هي بدبخت ڪوڙو آهي. سوچيو! اهو امتحان نه هجڻ ڪيڏي وڏي نعمت آهي. الحمدللہ! محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي اسان کي نصيب ٿي آهي * اهڙيءَ طرح ٻيا به تمام گهڻا فيضَ آهن جيڪي آقا جي شانِ ختمِ نبوت جي برڪت سان اسان کي نصيب ٿيا آهن. هڪ فيض اهو به آهي ته اسان کي بهترين امت جو لقب نصيب ٿي ويو آهي. اللہ پاڪ فرمايو:

كُنْتُمْ  خَیْرَ  اُمَّةٍ  اُخْرِجَتْ  لِلنَّاسِ   تَاْمُرُوْنَ  بِالْمَعْرُوْفِ  وَ  تَنْهَوْنَ  عَنِ  الْمُنْكَرِ     

   (پاره: 4، سورت آل عمران: 110)

ترجمو ڪنزُ العرفان: (اي مسلمانو!) توهان ڀلي امت آهيو جيڪا ماڻهن (جي هدايت) جي لاءِ ظاهر ڪئي وئي، توهان ڀلائي جو حڪم ڏيندا آهيو ۽ برائي کان منع ڪندا آهيو.

نيڪي جي دعوت ڏيڻ انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام جو فريضو هوندو هو، جڏهن آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي بڻجي تشريف وٺي آيا، هاڻي ظاهر آهي قيامت تائين ڪو به نئون نبي پيدا ٿي ئي نٿو سگهي، تنهنڪري هاڻي اسان کي اها ذميواري عطا ڪئي وئي ته نبين وارو ڪم هاڻي هيءَ امت ڪري، يعني نيڪي جي دعوت پهريان نبي ڏيندا هئا، هاڻي امتي ڏيندا.

پوءِ ان بنياد تي يعني هي نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري امت آهي، تنهنڪري اللہ پاڪ هن امت کي بهترين امت جو لقب عطا فرمايو آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هي اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شانِ ختمِ نبوت جو فيضُ آهي.

اللہ پاڪ اسان کي عقيده ختمِ نبوت تي استقامت نصيب فرمائي. شانِ ختمِ نبوت جو جيڪو فيضُ اسان کي نصيب ٿيو، ڪاش! اسان هن منصب کي سمجهڻ وارا بڻجي وڃون، هن منصب جا تقاضا پورا ڪرڻ يعني نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا بڻجي وڃون.