Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
الياس عَلَیْهِ السَّلَام جو وقار * حضرت يحيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي عصمت (يعني پاڪدامني) * حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جو زهد عطا ڪري انهن کي سڀني پيغمبرن جي ڪمالن ۽ اخلاقِ حسنه سان مزين ڪري ڇڏيو!([1])
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شانِ ختمِ نبوت...!! جڏهن اللہ پاڪ فرمايو ته اوهان آخري نبي آهيو ته ان جي هڪ معنيٰ اها به آهي ته اسان پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي * چونڊ اها بخشي جو آدم عَلَیْهِ السَّلَام رَشۡڪ ڪن ٿا * خُلّت اها عطا ڪئي جو حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام رشڪ فرمائن * شانِ ڪليمي اها عطا ڪئي جو حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام رشڪ فرمائن * حُسن اهو ڏنو جو يوسف عَلَیْهِ السَّلَام انهن جي ديدار جي تمنا فرمائن * مُلڪ ۽ بادشاهي اها عطا ڪئي جو سليمان عَلَیْهِ السَّلَام رشڪ فرمائن * صبر اهو ڏنو جو يعقوب عَلَیْهِ السَّلَام رشڪ فرمائن ۽ * مسيحائي اها عطا فرمائي جو حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام رشڪ فرمائن ٿا، مطلب ته: سڀ جا سڀ اوصاف ۽ ڪمالَ اهڙا عطا فرمايا آهن جو انهن جي مثل پهريان نبين کي به عطا نه ٿيا آهن.
ذات ہوئی انتخاب، وَصْف ہوئے لاجواب
نام ہوا مصطفےٰ تم پہ کروڑوں درود([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو هي هڪ لفظ آهي:
وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ (پارو: 22، سورت احزاب: 40)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي.
هن هڪ لفظ جي اندر ڏسو! پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪيڏو شان بيان ٿيل آهي، انهيءَ ۾ ئي پاڻ سڳورن جي علم جي وسعت جو بيان به موجود آهي، انهيءَ ۾ ئي پاڻ سڳورن جي دين جي ڪامل ۽ اڪمل هجڻ جو بيان به موجود آهي ۽ انهيءَ ۾ ئي پاڻ سڳورن جي بي مثل ۽ بي مثال هجڻ جو بيان به موجود آهي.