Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
هو، ولادتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پهريان جنن کي آسمانن تائين وڃڻ جي اجازت هوندي هئي، اهي آسمانن جي ويجهو ويندا هئا، اتي ڪن لڳائي فرشتن جي گفتگو ٻڌندا هئا ۽ اچي ڪاهنن کي ٻڌائيندا هئا، اهڙيءَ طرح انهن کي ايندڙ وقت جون خبرون به ملي وينديون هيون.[1]
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ولادتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پهريان تمام گهڻا ڪاهن به اها خوشخبري ٻڌائي چڪا هئا ته آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿيڻ واري آهي.
علامه نَبهاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هتي تمام پيارو نڪتو بيان ڪيو، فرمايو آهي: جن فرشتن کان خبرون ٻڌندا هئا، اچي ڪاهنن کي ٻڌائيندا هئا، پوءِ ڪاهنن خبرون ڏنيون ته آمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بس ٿيڻ ئي واري آهي. ان مان خبر پئي ٿي ته آسمانن تي به آمدِ مصطفيٰ جو ذڪر هئو، فرشتا مصطفيٰ جي ولادت جو ذڪر ڪندا هئا، جنات اتان ٻڌي، اچي انسانن کي ٻڌائيندا هئا.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه نرالو شان آهي...!! انبياءِ ڪرام عَلَیْهم السَّلَام پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد جي پرچار ڪن ٿا، فرشتا پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد جا تذڪرا ڇيڙين ٿا، زمين ۽ آسمان تي پاڻ سڳورن جي آمد جون ڌومون مچن ٿيون، جڏهن سڄي مخلوق آمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پرچار ڪندي رهي آهي ته پوءِ اسان ڇو پوئتي رهون، اسان جهومي جهومي آمدِ مصطفيٰ جو ذڪر ڇو نه ڪريون...؟
جھوم کر سارے پکارو مرحبا یامصطَفٰے چوم کر لب کہہ دو یارو مرحبا یامصطَفٰے
کہہ کر اے عِصیاں شِعار و مرحبا یامصطَفٰے بگڑی قسمت کوسنوارومرحبایامصطَفٰے
مفِلسو، غُربت کے مارو مرحبا یامصطَفٰے تم بھی کہہ دو مالدارو مرحبا یامصطَفٰے
دھوم ہے عطّارؔ ہر سُو شاہ کے مِیلاد کی جھوم کر تم بھی پکارو مرحبا یامصطَفٰے([3])
خير! مان هڪ واقعو عرض ڪرڻ وارو هئس. واقعو هن طرح ٿيو: رَبيعه بن