Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

پيارا اسلامي ڀائرو! سورة وَالضحيٰ جي پهرين ٻن آيتن ۾ الله پاڪ ٻن شين جو قسم کنيو آهي. اهي ٻه شيون ڪهڙيون آهن؟ عالِمن انهن مان ڇا ڇا مراد ورتو آهي؟ اها وضاحت اسان ٻڌي چڪا آهيون، اڄ سورة وَالضُّحيٰ جي ٽين آيت اسان جو موضوع (Topic) آهي ۽ اها آيت انهن ٻن قَسمن جو جوابِ قسم آهي. يعني اهي ٻه قَسم جيڪي الله پاڪ کنيا هئا، اهي ڇو کنيا هئا؟ اهو ٻڌائڻ لاءِ ته

مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ(۳)   (سيپارو: 30، والضُّحيٰ: 3)

ترجمو ڪنزُ العرفان: تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو نه ناپسند ڪيو.

اسان ٻڌو هو ته جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جن نبوت جو اعلان فرمايو، ان کانپوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ وحي اچڻ بند ٿي وئي هئي، ان تي مڪي جي ڪافرن اعتراض ڪيو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي شان ۾ گستاخي ڪئي ۽ ايستائين چئي ويا ته مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم) کي سندن رب ڇڏي ڏنو آهي. ان جي ۾ جواب هيءَ آيت نازل ٿي، الله پاڪ فرمايو: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! اسان کي ضُحٰي جو قَسم! ۽ لَيل جو قسم جڏهن اها ڇانئجي وڃي، توهان جي رب توهان کي نه ڇڏيو آهي، نه ئي هو توهان کان ناراض ٿيو آهي.([1])

   ڀلا ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته توهان جو رب توهان کي ڇڏي ڏئي جڏهن ته

جتنا مرے خُدا کو ہے میرا نبی عزیز                          کونین میں کسی کو نہ ہو گا کوئی عزیز

جو کچھ تری رضا ہے خُدا کی وہی خوشی                       جو کچھ تری خوشی ہے خُدا کو وہی عزیز

کونین دے دیے ہیں ترے اختیار میں                    اللہ کو بھی  کتنی ہے خاطِر تری عزیز([2])


 

 



[1]... تفسیرِ کبیر،پارہ:30،الضحٰی،زیرِ آیت:3،جلد:11،صفحہ:192خلاصۃً۔

[2]... ذوق نعت، صفحہ:135-136 ملتقطًا۔