Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صورتحال عرض ڪئي، چيائين: يارسولَ الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ اُٺ سرڪش ٿي ويو آهي، هٿ به لائڻ نٿو ڏئي. وڏي مشڪل آهي، اوهان ئي ڪرم فرمايو.
کام بگڑے ہوئے بنا دینا کام کس کا ہُوا؟ ہُوا تیرا
پياري محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ عرض ٻڌي، صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهُم کي فرمايائون: ”اُٿو! هلون.“ هاڻي پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ۽ صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهُم اُن انصاري صحابي رَضِيَ اللهُ عَنْه جي گهر ڏانهن روانا ٿيا.
ان وقت اُٺ هڪ باغ ۾ هو ۽ هڪ ڪُنڊ ۾ ويٺو هو. محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ان ڏانهن وڌيا. صحابن عرض ڪيو: ”يا رسولَ الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ! هي اُٺ سرڪش آهي، متان اوهان تي ئي حملو نه ڪري وجهي.“ پاڻ فرمايائون: ”لَيْسَ عَلَيَّ مِنْهُ بَاْسٌ “ مون کي هن کان ڪو به خطرو ناهي. هي فرمائي اُٺ جي طرف وڌي ويا، هاڻي روايت جا الفاظ ٻڌو! فَلَمَّا نَظَر الْجَمَلُ اِلٰی رَسُوْلِ اللہ صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم اَقْبَلَ نَحْوَہٗ حَتّیٰ خَرَّ سَاجِدًا بَیْنَ یَدَیْہِ جيئن ئي اُٺ، محبوب صَلَّی اللہ عَلَیۡہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي ڏٺو ته ڊوڙي اچي پاڻ ڪريمن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سامهون ايندي ئي سجدي ۾ ڪري پيو.
اپنے مولیٰ کی ہے بَس شان عظیم ، جانور بھی کریں جن کی تعظیم
سنگ کرتے ہیں اَدَب سے تسلیم، پیڑ سجدے میں گرا کرتے ہیں
پياري محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن اُٺ کي پڪڙي، ٻيهر ڪم تي لڳائي ڇڏيو. هاڻي اُٺ وارو معاملو ته ختم ٿي چڪو هو، انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي جيڪا مشڪل هئي، اها حل ٿي چڪي هئي، پر هاڻي معاملي هڪ ٻيو رخ اختيار ڪري ورتو. صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جيڪي عشقِ رسول جي