Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ، رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کي ڏاڙهي شريف سان پيار آهي، ان ڪري ئي اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن کي به ڏاڙهي شريف سان گهڻو پيار آهي. پاڻ ڏاڙهيءَ بابت پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي فرمائن ٿا: الله پاڪ اسان کي ايمان تي موت نصيب فرمائي، ان کان پهريان جو اسان جو چهرو مَعاذَ اللہ! دشمنانِ مصطفيٰ جهڙو ٿي وڃي! افسوس! اڄ ڪلهه ڪيترائي مسلمان ڏاڙهي شريف جي وارن کي پٽي ڪري گندي نالين ۾ وھائي ڇڏيندا آهن! افسوس! اهڙن جو آخرت ۾ ڇا ٿيندو؟ ائين ڪندڙن کي عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي.
ياد رکو! هڪ مٺ ڏاڙهي رکڻ واجب ۽ ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽ ڪرائڻ، ٻئي حرام ۽ جهنم ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهن. ڏسو! ڏاڙهي رکڻ سڀني انبياءِ ڪرام عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي سُنتِ مبارڪه آهي، ڪو به نبي اهڙو ناهي جنهن مَعاذَ اللہ! ڏاڙهي ڪوڙائي هجي. اهڙيءَ طرح ڪو به ولي ڏاڙهي ڪُوڙ نه ٿو ٿي سگهي.
الله پاڪ اسان سڀني کي ڏاڙهي شريف سجائڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اسان سڀ سُنتِ مصطفيٰ جا ديوانا ٿي وڃون، ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش! مٿي کان پيرن تائين اسان جو سڄو وجود سُنتن جي هلندي چلندي تصوير بڻجي وڃي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
اي عاشقانِ رسول! الحمدلله! اڄ جي هن پرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي اسان کي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو دامن ڪرم پڪڙڻ، ٻين جا طور طريقا ۽ فيشن ڇڏي ڪري پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري پاڪيزه سنتن کي اپنائڻ جو درس ڏئي ٿي ۽ انهيءَ ۾ ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي آهي.