Book Name:Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq (Qist 2)
وَ آلِہٖ وَسَلَّم سان نسبت حاصل آهي، ان جي دل سان تعظيم ڪرڻ، ادب ۽ احترام بجا آڻڻ پڻ حقوقِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم مان هڪ اهم ترين حق آهي.
نسبت متعلق ادب جا ڪجهه مثال: جهڙوڪ * صحابهءِ ڪرام * اهلِ بيتِ پاڪ * پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جون ازواجِ مطهرات * ۽ اولادِ پاڪ جو انتھائي ادب ڪرڻ، ڪو هڪڙو لفظ به انهن جي بي ادبيءَ وارو زبان تي نه آڻڻ * مدينو شريف * مديني جي مٽي * ايسيتائين جو مديني شريف جي ڪنڊن جو به ادب ڪرڻ * پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا وارَ مبارڪ * نقشِ نعلين شريف ۽ هر اها شيءِ جنهن کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سان نسبت هجي، توڙي جو اها نسبت پَري جي ئي ڇو نه هجي ان جو ادب ۽ احترام ڪرڻ لازم ۽ ضروري آهي.
اڄ اسان رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا 3 حق سکيا آهن، ذهن نشين ڪري وٺو!
(1): محبت ڪرڻ (2): پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تي درود پاڪ پڙهڻ (3): نسبتِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو ادب ۽ احترام ڪرڻ
نوٽ: حقوقِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم متعلق وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينہ جا ڪتاب * سيرت مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم، صفحو: 825 کان 850 ۽ * سيرتِ رسولِ عربي، صفحو: 628 کان 695 پڙهو.
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
فرض نماز کان بعد پڙهڻ واري دعا:
اَللّٰھُمَّ اَنْتَ السَّلَامُ وَمِنْکَ السَّلَامُ تَبَارَکْتَ یَا ذَاالْجَلَالِ وَالْاِکْرَام