Book Name:Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq (Qist 2)
تڏهن ئي درود پڙهڻ واجب آهي، بلڪه هر اهو لفظ جيڪو حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي ذات مبارڪ تي دلالت ڪري (مثال طور: پاڻ، حضور، رسولِ هاشمي وغيرهه)، اهڙن لفظن سان به درود شريف پڙهڻ واجب آهي.([1]) * مختلف مجلسن ۾ (مثال طور: اوهان هڪ جاءِ تي ويٺا هئا، اُتي ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ٿيو، پوءِ اتان اٿي ڪنهن ٻي جاءِ تي ويا، اتي به ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ٿيو ته) هر دفعي درود شريف پڙهڻ واجب آهي نه پڙهيو ته گنهگار ٿيندا.([2]) * پر جيڪڏهن هڪ ئي مجلس ۾ بار بار ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ٿئي ته ان بابت علماء ۾ اختلاف آهي. ڪجهه علماء فرمائن ٿا: هڪ ئي مجلس يا محفل ۾ چاهي هزار دفعا ذڪرِ پاڪ ٿئي، هر دفعي درود شريف پڙهڻ واجب آهي، اگر هڪ دفعو به ڇڏيو ته گنهگار ٿيندو. جڏهن ته ٻيا علماء فرمائن ٿا: هڪ ئي جلسي ۾ بار بار ذڪرِ پاڪ ٿئي ته هڪ دفعو درود شريف پڙهڻ واجب آهي ۽ هر بار پڙهڻ مستحب آهي. اعليٰ حضرت رَحمۃ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: مناسب هي آهي ته هر دفعي درود شريف پڙهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها شيءِ جنهن جي ڪرڻ ۾ وڏيون رحمتون ۽ برڪتون آهن ۽ نه ڪرڻ ۾ بيشڪ وڏي فضل کان محرومي آهي، تنهن کي ڇڏڻ ڪنهن عقلمند جو ڪم نه آهي.([3]) * خطبي جي دوران جيڪڏهن ذڪرِ پاڪ ٻڌو ته صرف دل ۾ درود شريف پڙهو، زبان سان پڙهڻ جائز نه آهي، ڇو جو ته ان وقت خاموش رهڻ فرض آهي.([4])
ٽيو ن حق : نسبت جو ادب ۽ احترام ڪرڻ
وضاحت: يعني هر اها شيءِ جنهن کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ