Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq (Qist 2)

Book Name:Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq (Qist 2)

آلِہٖ وَسَلَّم جي ڪثرت ڪرڻ * حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي ديدار جي تمام گهڻي تمنا رکڻ * پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي بي حد تعظيم ڪرڻ * تمام گهڻو ادب ڪرڻ * ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي وقت ڪَنڌُ ادب سان نمائڻ وغيرهه، هي سڀ محبتِ رسول جا عملي تقاضا آهن.

ٻيون  حق:    درود پاڪ پڙهڻ

وضاحت: قرآن مجيد ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا صَلُّوْا عَلَیْهِ وَ سَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا(۵۶) (پارو: 22، سورة الاحزاب: 56)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وار! ان تي درود ۽ خوب سلام موڪليو.

علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا حق اسان تي ايترا آهن جو اسان انهن کي ادا ڪري ئي نه ٿا سگهون. رب ڪريم درود شريف پڙهڻ جو حڪم ڏنو جو ائين ڪرڻ سان ڪجهه حقن جي ادائيگي ٿي ويندي.([1])

ياد رکو ...!! * زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو درود شريف پڙهڻ فرض آهي.([2]* جنهن به مجلس ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو ذڪرِ پاڪ پاڻ ڪريو يا ڪنهن ٻئي کان ٻڌو، ان وقت درود شريف پڙهڻ واجب آهي.([3]) * جيڪو ذڪرِ پاڪ ڪرڻ يا ٻڌڻ کان پوءِ درود شريف نه پڙهي، اهو ترڪِ واجب جي سبب گنهگار ٿيندو.([4]) * اهو ضروري نه آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو نالو مبارڪ ورتو يا ٻڌو


 

 



[1]...القول البديع ،صفحہ:34،ملخصاً ۔

[2]... درمختار کتاب الصلاۃ ،باب صفۃ الصلاۃ ،صفحہ:71۔

[3]... بہار شریعت ،جلد:1،صفحہ:533،حصہ: 3ملخصاً۔

[4]...فتاویٰ رضویہ ،جلد:6،صفحہ:222 ،ماخوذاً۔