Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq (Qist 2)

Book Name:Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq (Qist 2)

سندس پيءُ، اولاد ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان. ([1])

رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہ  وَآلہ وَسَلَّم جا  3 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا اسان تي بيشمار حق آهن، جن مان 3 حق اسان اڳ ۾ سکي چڪا آهيون، 3 حق اڄ سکنداسين. اچو ته پهريان اڳ م سکيل حق دهرائي وٺون ٿا. (1): نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تي ايمان آڻڻ (2): پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو ادب ۽ احترام ڪرڻ (3): سندن پيروي ڪرڻ.

وڌيڪ 3 حق هي آهن:

پهريون حق:     محبت ڪرڻ

وضاحت:   دل جي جهُڪاءَ (ميلان) کي محبت چئبو آهي، هي ميلان جيترو گهرو هوندو آهي، محبت اوتري ئي شديد هوندي آهي. يعني محبتِ رسول جو مطلب آهي: دل شدت سان حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي طرف مائل رهي.([2]) اهڙي محبت دين جو اهم فرض بلڪه ايمان جو بنياد آهي، ڇو جو ان کان سواءِ ايمان مڪمل ٿي ئي نه ٿو سگهي.([3])

مُحَمَّد کی محبّت دِینِ حق کی شرطِ اَوَّل ہے                      اسی میں ہو اگر خامی تو سب کچھ نامکمل ہے

محبتِ رسول جا ڪجهه عملي تقاضا:  * سنتن تي عمل ڪرڻ * فرامينِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي پيروي ڪرڻ * سندن بيان ڪيل احڪامن کي پنهنجي نفساني خواهشن تي ترجيح ڏيڻ * ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ


 

 



[1]...بخاری ،کتاب الایمان ، حب الرسول صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم  من الايمان،صفحہ:74،حدیث :15۔

[2]...مدارج النبوۃ، باب نہم ذکر حقوق آنحضرت، فصل در لزوم محبت آنحضرت، جلد:1، صفحہ:292 مفصلًا۔

[3]...فتاوٰی رضویہ، جلد:24، صفحہ:453 مفصلًا۔