Book Name:Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq (Qist 2)
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن جو جدول
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): فڪرِ مدينه: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہ وَآلہ وَسَلَّم جا 3 حق (قسط: 2) بابت مفيد معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ فرض نماز کان بعد پڙهڻ واري دعا ياد ڪرائي ويندي. آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو پڻ ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: توهان مون تي درود پڙهو، بيشڪ اهو توهان جي لاءِ پاڪيزگي آهي.([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہ وَآلہ وَسَلَّم جا 3 حق (قسط: 2)
آيت مبارڪه
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوا الرَّسُوْلَ
(پارو: 5، سورة النساء: 59)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارﺆ! الله جي اطاعت ڪريو ۽ رسول جي اطاعت ڪريو.
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: توهان مان ڪو به شخص ايسيتائين (ڪامل) مومن نه ٿو ٿي سگهي، جيسيتائين مان هُن جي لاءِ