Book Name:Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq
شامل آهي ۽ سندن بي ادبي حرام آهي،([1]) تنهنڪري جڏهن به کين پڪاريو وڃي ته، يا رسول الله، يا نبي الله، يا حبيب الله وغيرهه جهڙن لفظن سان پڪارڻ گهرجي.
ٽيو ن حق : اتباع ڪرڻ
وضاحت: ڪنهن جي مڪمل اطاعت ۽ خالص پيروي ڪرڻ اتباع آهي.([2]) امت تي نبي ڪريم، شاھِ بني آدم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو حق آهي ته سندن پيروي ڪئي وڃي، سيرتِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي پنهنجي لاءِ آئيڊيل (نمونو) بڻايو وڃي.
الله پاڪ فرمائي ٿو:
قُلْ اِنْ كُنْتُمْ تُحِبُّوْنَ اللّٰهَ فَاتَّبِعُوْنِیْ یُحْبِبْكُمُ اللّٰهُ (پارو: 3، سورة آل عمران: 31)
ترجموڪنز العرفان: اي حبيب! اوهان فرمايو ته اي انسانو! جيڪڏهن توهان الله سان محبت ڪيو ٿا ته منهنجا فرمانبردار بڻجي وڃو، الله توهان سان محبت ڪندو.
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن منهنجي اطاعت ڪئي، تنهن الله جي اطاعت ڪئي ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي تنهن الله جي نافرماني ڪئي.
دهرائي
اڄ اسان رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا 3 حق سکيا آهن، ذهن نشين ڪري وٺو!
(1): نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تي ايمان آڻڻ (2): پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ