Book Name:Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq
آلِہٖ وَسَلَّم اسان مان ڪنهن جي به مثل نه آهن، پر پنهنجي ذات ۽ صفات ۾ سموري مخلوق کان افضل آهن* پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي جيڪي خاصيتون ۽ ڪمالات عطا ڪيا ويا آهن، انهن تي به يقين رکڻ ضروري آهي. مثال طور: * نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم قيامت جي ڏينهن اسان جهڙن گنهگارن جي شفاعت فرمائيندا *پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن کي الله پاڪ علمِ غيب عطا فرمايو آهي * حضورِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي الله پاڪ پنهنجي نور مان پيدا فرمايو آهي. وغيرهه وغيرهه.
ٻيون حق: ادب ۽ احترام ڪرڻ
وضاحت: پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي هر حال ۾، ظاهري ۽ باطني طور عزت ۽ تعظيم ڪرڻ (هر مسلمان تي) واجب آهي. ([1])
باطني تعظيم جا ڪجهه مثال: * حضور نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي ذڪر تي دل ۾ خوشي، سُرُور ۽ سُڪون جو پيدا ٿيڻ * آقا ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي هر ڳالهه کي دل سان تسليم ڪرڻ، توڙي جو اسان جي عقل ۾ نه اچي.
ظاهري تعظيم جا ڪجهه مثال: * نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي ذڪر وقت ادب ۽ احترام جو خاص خيال رکڻ، مثال طور: اهڙا الفاظ استعمال ڪرڻ جن ۾ تعظيم هجي * ممڪن هجي ته ذڪر جي وقت تعظيم خاطر با ادب گوڏن ڀر ويهڻ * پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ذڪر وقت درود پاڪ پڙهڻ * جيڪڏهن روضهءِ اقدس تي حاضري نصيب ٿئي ته اتي لهجو نرم ۽ آواز پست رکڻ ۽ انتھائي عاجزي اختيار ڪرڻ * پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سان نسبت رکڻ وارين شين جو ادب ۽ احترام ڪرڻ * نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي نالو کڻي نه پڪارڻ، جهڙوڪ يا محمد، يا احمد چوڻ، ڇاڪاڻ ته اهو بي ادبي ۾