Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq

Book Name:Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq

فرمانِ مصطفيٰ    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن منهنجي اطاعت ڪئي، اُنَ الله پاڪ جي اطاعت ڪئي ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي، ان الله پاڪ جي نافرماني ڪئي.

رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہ  وَآلہ وَسَلَّم جا  3 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان تي اسان جي آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا بيشمار احسان آهن، تنهنڪري پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا حق به تمام گهڻا آهن. اڄ اسان رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جن جا 3 حق سکڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.

    پهريون حق:     نبي ڪريم  صَلَّی اللہُ عَلَیْہ  وَآلہ وَسَلَّم   تي ايمان  آڻڻ

وضاحت:  حضورِ اقدس صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي نبوت ۽ رسالت تي ايمان آڻڻ، جيڪو ڪجهه پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم الله پاڪ جي طرفان کڻي آيا، دل سان ان تي يقين رکڻ ۽ زبان سان ان جو اقرار ڪرڻ، آقا ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تي ايمان آڻڻ آهي. ([1]) نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تي ايمان آڻڻ هر شخص تي فرضِ عين آهي. حضور اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تي ايمان آڻڻ ۾ هي ڳالهيون به شامل آهن:

* پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سموري مخلوق ڏانهن موڪليا ويا آهن * پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سڀني کان آخري نبي آهن، پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کان بعد ڪو به نبي نه ايندو * پيارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ


 

 



[1]...الشفاء  بحقوق المصطفےٰ ،القسم الثانی ،باب الاول فی فرض الایمان بہ ...الخ ،صفحہ:6۔