Book Name:Rasool e Zeeshan Ke 3 Huqooq
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن جو جدول
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): فڪرِ مدينه: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ حضورِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہ وَآلہ وَسَلَّم جي 3 حقن بابت ٻڌايو ويندو ۽ قرض کان نجات ڏيارڻ واري دعا ياد ڪرائي ويندي. آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جنهن هي پڙهيو جَزَ ی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَّاھُوَ اَھْلُہٗ ([1]) ته 70 فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين ان جي لاءِ نيڪيون لکندا رهندا. ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہ وَآلہ وَسَلَّم جا 3 حق
آيت مبارڪه
وَ تُوَقِّرُوْهُؕ-وَ تُسَبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًا(۹) (پارو: 26، سورة الفتح: 9)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ رسول جي تعظيم ۽ توقير ڪريو ۽ صبح ۽ شام الله جي پاڪائي بيان ڪريو