Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

اي عاشقانِ رسول! سخاوت سُنّتِ مصطفٰي آهي: * سخين جا سخي، مڪي مَدَني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ سخي هئا، پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت وقت سان مخصوص نه هئي بلڪ پاڻ هميشه سخاوت فرمائيندا هئا، عِلْم ورهائيندا هئا، مال ورهائيندا هئا، رَحْمَتِ الٰهي جي سخاوت فرمائيندا هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جهڙو سخي نه ڪو ٿيو آهي، نه قيامت تائين ٿيندو جو جنهن کي جيڪا نعمت ملندي آهي، ڏيندو الله پاڪ آهي، تقسيم قاسِمِ نعمت مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي فرمائيندا آهن:

نہ اُن کے جیسا غنی ہے کوئی، نہ اُن کے جیسا سخی ہے کوئی

وہ بےنواؤں کو ہر جگہ سے نوازتے ہیں بُلا بُلا کر

* پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪ دَر تان ڪڏهن به ڪو سُوال ڪندڙ خالي نه ويو، حضرت جابِر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: سائل چاهي ڪيتري به وڏي شيءِ جو سُوال ڪندو هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي انڪار نه فرمائيندا هئا. ([1])   * حضرت اِبْنِ عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُما   جو بيان آهي: نبي اڪرم، نورِ مُجَّسَم            صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني انسانن کان وڌيڪ سخي هئا، رمضان ڪريم ۾ پاڻ     صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت جو دَريا خوب جوش تي هوندو هو، رمضان ڪريم ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت تيز هوائن کان به وڌيڪ هوندي هئي. ([2])

مانگیں گے مانگے جائیں گے منہ مانگی پائیں گے

سرکار میں نہ لا ہے نہ حاجت  اگر کی ہے([3])

الله پاڪ سخاوتِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي اسان غريبن، فقيرن کي به ڪنجوسي کان بچڻ ۽ خوب دِل کولي سخاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...کتاب الشفا، 1/92۔

[2]...سیرت مصطفےٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ، سخاوت،صفحہ:623۔

[3]...حدائق بخشش، صفحہ:225۔