Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
ڳوٺ ڳوٺ ذميدارَ موجود آهن * عاشقانِ رسول جي تربيت ڪري انهن کي ديني ڪمن لاءِ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ موڪليو ويندو آهي، انهن کي باقاعده پگهارون ڏنيون وينديون آهن ۽ اهي فَارِغُ الْبَال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواھ) ٿي ڪري دِين جي خدمت ڪن ٿا * ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي به خدمتِ دين جو سلسلو جاري آهي * پرنٽ ميڊيا (جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن سان گڏ ماهنامه فيضانِ مدينه جي اشاعت جو سلسلو جاري آهي جيڪو هن وقت دُنيا جي 7 وڏين ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ ڪثير الاشاعت ماهنامو آهي) * سوشل ميڊيا (مثال طور، يوٽيوب (Youtube)، فيسبڪ (Facebook)، انسٽاگرام (Instagram) وغيره) تي تقريبًا 100 اڪائونٽس آهن، جن تي تقريبًا 50 ملين (Million) يعني 5 ڪروڙ فالورز (Followers) آهن جڏهن ته وِيُوز جو تعداد بلينز (Billions) يعني 100 ڪروڙ کان به مٿي پهچي وڃي ٿو * ان کان علاوه مدني چينل اردو، انگلش، بنگلا، ڪِڊْز مدني چينل، بزرگن جو مدني چينل ۽ عربي ويب چينل جي ذريعي دينِ اسلام جي خدمت ڪئي پئي وڃي * آئي ٽي جي شعبي طرفان هن مهل تائين 32 موبائل ايپليڪيشنون ۽ 40 اسلامڪ ويب سائيٽون لانچ ڪيون ويون آهن * سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خير خواهي لاءِ ايف جي آر ايف جو شعبو قائم آهي، جنهن تحت هينئر تائين * 34 لک 16 هزار 673 ٻوٽا لڳايا ويا آهن * تقريبًا 76 لک 82 هزار 958 ماڻهن جي امداد ڪئي وئي آهي * 5 هزار 566 گهرن جي تعمير ڪئي وئي آهي * 75 هزار 721 خون جون بوتلون عطيو ڪيون ويون آهن * هيلٿ ڪيئر سينٽر ۾ هينئر تائين 61 هزار 667 مريض وزٽ ڪري چڪا آهن.
دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم
اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد